مسافر ٽرين تي ڪرين ڪِري پئي، 22 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ ۾ چين جي سهڪار سان جاري هاءِ اسپيڊ ريلوي ٽريڪ تي هڪ گرين مسافر ٽرين مٿان ڪِرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو ناخون راتچاسيما صوبي ۾ پيش آيو، جيڪو تخت گاهه بينڪاڪ جي اتر اوڀر ۾ آهي.
پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ 80 زخمي ٿي پيا، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
ريل گاڏي بينڪاڪ کان ابون راتچٿاني صوبي ڏانهن وڃي رهي هئي ۽ ان ۾ 195 مسافر سوار هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.