خساري ۾ ھلندڙ ادارا، نجڪاري ۽ ڪجهه حقيقتون

حبيب ٽالاڻي

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناھي ته قومي ادارن کي خانگائڻ ڪو سٺو عمل ناھي هوندو اھڙي عمل سان جتي قومي ادارا سرڪار جي ھٿن مان نڪري وڃن ٿا اتي خساري سبب  نجڪاري  سان اھو پڻ ظاھر ٿيندو آھي ته ادارا ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس جي ور چڙھيل آھن ۽ حڪومت وقت به اھڙن اداري مان ڪرپشن جھڙي آزار جي خاتمي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي آھي ان ڪري اھڙي خساري ۾ ھلندڙ اداري مان جان ڇڏائڻ پئي چاھي جنھن ڪري حڪومتي ڪارڪردگي توڻي گڊگورننس واري دعوائن اڳيان به سواليا نشان لڳي وڃي ٿو ۽ وري ٻي ڳالهه ته اسان وٽ جڏھن به خساري ۾ ھلندڙ قومي ادارن کي خانگاھڻ وارو فيصلو ڪيو ويندو آھي ته نه صرف ان اداري جا ملازم اھڙي حڪومتي فيصلي خلاف احتجاج ڪندا آھن پر وفاق توڙي صوبن ۾ مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺل سياسي پارٽيون به ادارن جي خانگائڻ خلاف پارليامنٽ اندر سخت احتجاج ڪنديون آھن جنھن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ادارا خانگائڻ خلاف ھڪ ذھن ۽ ماحول ٺھي ويندو آھي ھاڻي به جڏھن موجودا حڪومت پاران پي آءِ اي کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو ته ملڪ ۾ پي آءِ اي ملازمن احتجاج ڪيو ۽ ان سان گڏو گڏ مخالف ڌر جي تنظيمن پڻ ايوانن اندر احتجاج رڪارڊ ڪرايو

اھڙن احتجاجن باوجود به وفاقي حڪومت پي آءِ اي جھڙي ھڪ اھم قومي اداري کي خانگاھڻ ۾ ڪامياب وئي پي آءِ اي کي خانگاھڻ کان پوءِ ھاڻي وفاقي حڪومت خساري ۾ ھلندڙ ٻين ڪيترن ئي قومي ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ملڪ ۾ وڌيڪ ادارن جي نجڪاري کان اڳ  ملڪ ۾ خساري ۾ ھلندڙ ڪجهه اھم ادارن جي لسٽ سامھون آئي آھي جنھن موجب مالي سال 2024/ 25 ۾ مختلف سرڪاري ادارا ٽوٽل 123 ارب خساري ۾ رهيا ۽ مالي سال 2025/26 جي صرف پھرين ڇهه ماھي ۾ قومي ادارن جي خساري ۾ 300 سيڪڙو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو آھي جنھن ۾ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جو خسارو 153 ارب ڪوئٽه اليڪٽرڪ 58.1  ارب سکر اليڪٽرڪ  29 .6 ارب پاڪستان ريلوي 26.5 ارب پشاور اليڪٽرڪ جو خسارو 19.7 ارب پاڪستان اسٽيل 15.6 ارب خساري ۾ رھيو صرف سال 2025/26  جي پھرين ڇهھ ماھي ۾ سرڪاري ادارا ان خساري ۾ ويا آھن اڃان  مالي سال2025/26 جا لڳ ڀڳ پنج مھينا پوئتي آھن ان ڪري انھن ادارن جي خساري ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ادارن جي اھڙي خساري جي ڪري وفاقي حڪومت اھي سمورا ادار خانگائڻ جو ارادو رکي ٿي

اھڙي صورتحال ۾ يقينن خساري ۾ ھلندڙ ادارن جا ملازم توڙي مخالف ڌر ادارن جي نجڪاري جي خلاف ماضي وانگي احتجاج ڪندا جيڪو انھن جو آئيني حق آھي پر ھڪ ڳالهه اھا به حقيقت آھي ته انھن ادارن جا ملازم توڙي مخالف ڌر ادارن کي خساري مان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪا به جامع پاليسي ڏيڻ کان ھميشه قاصر رھيا آھن ٿيڻ ته ائين گھرجي جو ادارن جي ملازمن ۽ ٻين احتجاج ڪندڙ ڌرين کي اھو به ٻڌائڻ گھرجي ته ادارن کي ڪيئن خساري مان ٻاھر ڪڍجي پر ڪڏھن به اھڙي ڪا پاليسي نه حڪومتن نه وري ادارن جي ملازمن پاران سامھون آئي حقيقت ۾ نجڪاري واري پاليسي صرف ھن حڪومت جي پاليسي ناھي نه وري قومي ادارا ڪي ھاڻي خساري ۾ آيا آھن ادارن جو خساري ۾ ھلڻ توڙي ادارن کي خانگائڻ وارو سلسلو ڏھاڪن تي ٻڌل آھي 90 واري ڏھاڪي کان وٺي اڄ تائين مختلف حڪومتن مختلف وقتن تي ملڪ ۾ خساري ۾ ھلندڙ ادارن پاڪ اسٽيل، پي آءِ اي، پي پي ايل، پاڪستان ٽيلي ڪام ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جون ڪوششون ڪيون پر نجڪاري خلاف ٿيندڙ احتجاجن کان پوءِ ادارن جي نجاري وارو عمل روڪيو ويو جيئن سياسي نقصان کان بچيو وڃي ان ڪري ماضي ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون ادارن جي نجڪاري وارن فيصلن کان پوئتي ھٽنديون رھيون

ھتي اھم ڳالهه اھا به آھي ته ايتري عرصي کان ملڪ ۾ ادارا خساري ۾ ھلن پيا پر ڪا به ھڪ حڪومت قومي ادارن کي خساري مان ٻاھر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ناھي ٿي سگھي نه ڪا اھڙي پاليسي جوڙي وئي جنھن سان ادارن جي خساري کي ختم ڪري سگھجي. ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اھي ڪھڙا سبب آھن جو اسان جا قومي ادارا فائدي بدران نقصان ۾ ھلي رھيا آھن حالانڪ سڄي دنيا ۾  ريلوي اين ايڇ اي مختلف ايئرلائنز اسٽيل ڪارپوريشنز پاور سيڪٽر منافي بخش ادارن طور سنڃاتا ويندا آھن پر اسان وٽ اھي ادارا آخر ڪھڙن سبب جي ڪري خساري ۾ ھلن پيا؟ ان جو سولو جواب اھو آھي ته اسان جي ادارن جي زوال جو اھم سبب ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن آھي. اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ھڪ وبا واري صورت اختيار ڪري وئي آھي، ملڪ ۾ ڪرپشن ھڪ ناسور بڻجي وڃڻ باوجود ان جي خاتمي لاءِ ڪڏھن به فيصلائتا قدم ناھن کنيا جنھن جي ڪري اڄ قومي ادارا  ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ٿي رھيا آھن جيڪو حڪومتي نااھلي جو چٽو ثبوت آھي. ادارن جي حالت اھا آھي ته ملڪ ۾ بجلي مھانگي ھجڻ باوجود به پاور سيڪٽر سڄي ملڪ ۾ خساري ۾ آھي ان جو اھم سبب اداري ۾ ٿيندڙ اڻ کٽ ڪرپشن آھي اھڙي ڪرپشن ۾ ھڪ لائن مين کان ويندي آفيسر ۽ وزيرن تائين سڀ  برابر جا شريڪ آھن سڄي ملڪ ۾ بااثر ۽ پھچ وارن ماڻھن لاءِ بجلي ڪنيڪشن فري ۽ بنا ميٽر جي بجلي ھلندي آھي ان کان سواءِ ڪجهه سو يا ھزارن جي ماھوار مـنٿلي تي سڄي ملڪ ۾ ڪروڙين ڪنيڪشن بنا ميٽر جي لڳل آھن جن کان ماھوار اربين روپيا ڀتو ورتو ويندو آھي. ان ڀتي ۾ لائن مين کان ويندي مٿي تائين سڀني جو حصو ھوندو آھي جيڪي سڀ ورھائي کڻندا آھن ھر شھر ھر ڳوٺ ۾ واپڊا جي ڪرپشن جو اھو نيٽ ورڪ منظنم نموني ڪم ڪري پيو ڳوٺن جا ڳوٺ شھرن ۾ ڪيترائي علائقا پرائيويٽ ماڻھن کي ٺيڪي تي ڏنل آھن جتي نجي ماڻھو سرڪاري ملڪيت جا مالڪ بڻيل آھن ته پوءِ اھڙي حالتن ۾ اسان پنھجو پاور سيڪٽر کي خساري مان ڪيئن ڪڍي سگھنداسين؟

ريلوي جي به ساڳئي حالت آھي ھيٺان ننڍن ملازمن کان وٺي مٿي آفيسر سطح تائين ڪرپشن آھي ڪنھن به ريلوي اسٽيشن تي ھليا وڃو ٽڪيٽ نه وٺو بس پوليس اھلڪار يا ايس ٽي سان ڳالهايو جيڪي اڳ ۾ ئي بيچيني سان تاڙ ۾ ھوندا آھن ته ڪو بنا ٽڪيٽ وارو مسافر ھٿ اچي اھو پوليس اھلڪار يا ايس ٽي ڪجهه پئسن ۾ وي آءِ پي سيٽ برٿ سوڌو وٺي ڏيندو ايس ٽي يا پوليس اھڪار کي ڪجهه سو بچندا پر اھڙي عمل سان ھڪ ڏينھن ۾ اداري جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيندو آھي ٻي ڪرپشن مطلب سرڪاري تيل وڪرو ڪرڻ ريل گاڏين ريلوي ٽريڪن پلن ۽ ريلوي اسٽيشنن جي مرمت جي مد ۾ ٿيندڙ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ان کان الڳ  آھي هاڻي جڏهن سڄي ملڪ ۾ اها حالت هجي ته پوءِ ادارو خساري ۾ ڪيئن نه ويندو؟ اسٽيل مل يعني پاڪ اسٽيل جي حالت اھا آھي ته ان کي ڏھاڪن کان سرڪاري مال غنيمت سمجھي لٽيوڦريو پيو وڃي رات ٿيندي ئي لوھ جي چوري شروع ٿئي ٿي ملوث وري اداري جا آفيسر ملازم ۽ پوليس مختلف وقتن تي پاڪ اسٽيل مان  چوري ٿيندڙ قيمتي لوھ جون ڀريل گاڏيون پڪڙجي به پيون. اھڙيون خبرون اخبارن جي زينت به بڻجنديون رھيون ان باوجود به چوري روڪڻ لاءِ ڪي اپاءَ نه ٿا کنيا وڃن پوءِ ادارو خساري ۾ ڇو نه وڃي؟ اين ايڇ اي به خساري ۾ بلڪل ناممڪن ڳالهه آھي ته اين ايڇ اي جي آمدني گھٽ آھي ملڪ ۾ ھر ستر کان اسي ڪلو ميٽر تي ٽول پلازا لڳل آھن جتي ھر روز ڪروڙين گاڏيون گذرن ٿيون اربين روپيا روز وصول ٿين ٿا پوءِ به ادارو خساري ۾ ڇو؟ اصل ۾ ٽول پلازن ۾ ڪرپشن عروج تي آھي سڀ گڏجي اداري کي بکايل ڳجهھ جيـان پٽي کائي رھيا آھن پوءِ ادارو منافعو ڪمائي ڪيـن؟ ڀلا ڪي اليڪٽرڪ کي ڏسو اھو خساري ۾ ڇو نه پيو وڃي؟ ان ڪري ته اتي ملازمن جي نوڪري جي مسقل گارنٽي ناھي ملازمن کي خبر آھي ته ڪرپشن ڪنداسين يا ڪم صحيح نه ڪنداسين ته نوڪري مان ڪڍيو ويندو ان ڪري ملازم پابندي سان ڊيوٽي به ڪندا آھن ۽ ڪم به جيڪڏھن ڪي اليڪٽرڪ حڪومت وٽ ھجي ھا ته ملازم ۽ آفيسر ڪرپشن ڪري اداري جو ٻيڙو ئي غرق ڪن ھا.

اصل ۾ ملڪ ۾ جيڪي به ادارا خساري ۾ آھن انھن جا ملازم ڪروڙپتي آھن انھن ملازمن جي ملڪيتن جي جاچ ڪرائي وڃي ته عوام کي ڏندين آڱريون اچي وڃن ان ڪري ته انھن ڪرپشن ڪري پاڻ کي ٺاھيو ادارن کي تباھ ڪيو ھاڻي حڪومت ادارا خانگاھي ٿو ته ملازمن جون رڙيون ٻڌون ٿا اصل ۾ ملازم پاڻ ئي آھن جيڪي پنھنجي ادارن کي پاڻ تباھ ڪن ٿا جيڪڏھن سڀني ادارن جا ننڍا ملازم  توڙي آفيسر ڪرپشن ڪرڻ بند ڪن ته خساري ۾ ھلندڙ ادارا منافعي بخش بڻجي ويندا پر ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ اسان جي ملڪ ۾  ناممڪن آھي ان ڪري جو ڪرپشن تي سياست جو شفقت ڀريو ھٿ آھي ان ڪري نه ختم ٿيندي ڪرپشن نه ادارا ڪمائيندا بس پيا نجڪاري حوالي ٿيندا ۽  جيڪو ادارو خانگايو ويندو سال اندر منافعو ڏيندو.  پي آءِ  اي کي ڏسجو جيڪو ڪيترن ئي سال کان خساري ۾ آھي ھاڻي سال اندر منافعي طرف ويندو

اسان کي ھيءَ حقيقت تسليم ڪرڻو پوندو ته ادارن جي خساري ۾ ادارن جا ننڍا توڙي وڏا ملازم  ۽ اسان جي سياست سڌي ريت ملوث آھن ۽حڪومت بيڊ گورننس جي ڪري ڪرپشن تي قابو نه ٿي ڪري سگھي جيڪڏھن ادارن جي نجڪاري روڪڻ ضروري آھي ته پوءِ ان لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ادارن جي نجڪاري وارو عمل روڪڻ ناممڪن ھوندو ان ڪري ڪرپشن جي خلاف آوازاٿارڻ گھرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.