ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن ڪراچي جي دوري دوران هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي جهڙو واقعو ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ حڪومت صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪيس داخل نه ڪيو، اسان جي شرافت جو ناجائز فائدو ورتو ويو، 8 فيبروري تي ڦيٿو جام ٿيڻ نه ڏينداسين.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير هتي آيو، اطلاع ملڻ تي سنڌ حڪومت ساڻس سان رابطو ڪيو، سيڪيورٽي ۽ سهولتن جي خاطري ڪرائي، ان کان اڳ ٿريٽ الرٽ آيو هو، اسان ان ڪري نه ٻڌايو ته ڪو به ان جو فائدو نه کڻي.
سيد ناصر حسين شاهه پي ٽي آءِ قيادت سان رابطو ڪيو، شروعات ۾ سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿينديون رهيون، سعيد غني ڪي پي جي وڏي وزير ۽ سندس وفد جي ڪرائي هوائي اڏي تي آجيان ڪئي.
صوبائي وزير چي ته پهرين ڏينهن ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ته ڪجهه علائقن ۾ وڃڻو آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ ناهي وڃڻو آهي، اتي سيڪيورٽي خدشا آهن، پر اسان جي روڪڻ جي باوجود هو سينٽرل ضلعي ۾ ويا. جيڪڏهن توهان ڪجهه ڪلاڪ ڦاسي پيا ته ان مان سنڌ حڪومت کي ڇا ملڻو هو؟ توهان کي چار ڪلاڪ ٽريفڪ ۾ ڦاسائي اسان کي ڇا حاصل ٿيندو؟
سنڌ حڪومت طرفان پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ بابت هن چيو ته جلسي جي اجازت زباني طور اڳ ئي ڏني وئي هئي، اجازت نامو ملڻ جي پنجن منٽن اندر ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن جو بيان آيو ته هو باغ جناح ۾ جلسو نه ڪندا، روڊ تي ڪندا.
هن چيو ته باغ جناح ۾ جلسي کان اڳ ٽريفڪ پوليس پلان تيار ڪندي آهي، ناصر شاهه خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي کوٽ آهي ته اسان پوري ڪري ڏينداسين، جيڪڏهن ماڻهو به گهرجن ته اهي به مهيا ڪنداسين.
شرجيل ميمڻ چيو ته انهن ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي جهڙو واقعو ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ حڪومت صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو.
پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، ميڊيا جي گاڏين کي نقصان پهچايو ويو، عورت صحافين سان بدتميزي ڪئي وئي، جيڪا سندن جي روايت آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا توهان جي اڳواڻ توهان جي ذهنن ۾ رڳو ڏڦيڙ ۽ بغاوت جي صورت ۾ وڌي آهي، اسان چيو ته انهن ۽ اسان جي سياست الڳ آهي، پر اسان جي شرافت جو ناجائز فائدو کنيو ويو. اسين واضح ڪريون ٿا ته سنڌ حڪومت 8 فيبروري تي ڦيثو جام ٿيڻ نه ڏيندي.