ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ سياسي دٻاءُ وڌائڻ ۾ ڪامياب،پ پ جو اسٽيبلشمينٽ کي پيغام؟

لاهور(معظم فخر)آخرڪار پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ هڪ زبردست پاور شو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيل جلسو، چاهي شرڪت ڪندڙن جي تعداد جي لحاظ کان هجي يا جذبي ۽ جوش جي حوالي سان، يقيني طور تي هڪ ڪامياب جلسو هو. جس طريقي سان پي ٽي آءِ جا ڪارڪن هر رڪاوٽ کي لتاڙي، ڪنٽينر هٽائي، جلسي گاهه تائين پهتا، اهي منظر ڏسڻ جهڙا هئا. هي جلسو اقتدار وارن لاءِ به ڪيترائي اهم سوال ڇڏي ويو آهي.پهريون وڏو سوال  پاڪستان پيپلز پارٽي ڇو پوئتي هٽي؟سڀ کان اهم سوال پاڪستان پيپلز پارٽي بابت پيدا ٿيو آهي.اهو ته سڀني کي خبر آهي ته رياست طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ هڪ واضح (اسٽيٽڊ) پاليسي ٺاهي وئي هئي، جنهن جو مقصد پي ٽي آءِ جي سياسي سرگرمين کي محدود رکڻ هو.پر پوءِ پيپلز پارٽي ان پاليسي کان ڇو هٽي؟ پي ٽي آءِ کي سياسي اسپيس ڇو ڏني وئي؟ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏنو؟اهو به هڪ اهم سوال آهي ته پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾، خاص طور تي ارڙهين ترميم جي معاملي تي، جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، ڇا پيپلز پارٽي انهيءَ تڪرار ۾ پاڻ کي “اهم” رکڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي ڪامياب پاور شو ڪرڻ ڏنو؟يا پوءِ پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيو ته جيڪڏهن هي جن (پي ٽي آءِ) بوتل مان مڪمل طور ٻاهر نڪري آيو، جنهن جي صرف هلڪي جھلڪ اسان اوهان کي ڏيکاري آهي، ته پوءِ نه اوهان لاءِ ۽ نه ئي مسلم ليگ (ن) لاءِ بچاءَ جا گهڻا رستا بچندا.”پي ٽي آءِ جي مطابق، سهيل آفريدي جو ڪراچي دورو عمران خان جي هدايتن تي شروع ڪيل اسٽريٽ موومينٽ جو حصو هو.هن دوري دوران سهيل آفريدي ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، حيدرآباد ويو ۽ مختلف تقريبن کي خطاب ڪيو.مزارِ قائد وٽ جلسي لاءِ جيڪا جاءِ چونڊي وئي هئي، اتي صبح سوير ئي پوليس جي وڏي نفري موجود هئي. مزارِ قائد ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا.ڪالهه جنهن نموني پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پنهنجي موجودگي ثابت ڪئي ۽ وڏي انگ ۾ گڏ ٿيا، اهو انتهائي اهم هو.ڪيترن ئي آزاد صحافين، جن سان مون ذاتي طور ڳالهايو، تسليم ڪيو ته جڏهن سهيل آفريدي خطاب ڪيو، تڏهن لڳ ڀڳ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.اهو پي ٽي آءِ لاءِ وڏو حوصلو هو.پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته “پريشر ڪڪر” ۾ جيڪو دٻاءُ هو، اهو هاڻي ڦاٽڻ جي حد تائين پهچي چڪو آهي.سنڌ ۾ ڪارڪنن جي نڪرڻ کان پوءِ، هاڻي امڪان آهي ته پي ٽي آءِ پنجاب ۾ به نئون پاور شو ڊزائن ڪري.پنجاب ۾ ڪاميابي ئي اصل ۾ پي ٽي آءِ جي مستقبل جي سياسي رخ جو تعين ڪندي.ڪراچي واري جلسي کي مين اسٽريم ميڊيا تي گهڻي ڪوريج نه ملي، پر سوشل ميڊيا تي ان جون وڊيوز وڏي پيماني تي موجود رهيون.هاڻي صورتحال اها آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي شروعاتي گرمجوشي واري پاليسي کان پوئتي هٽي پر ان وقت تائين سهيل آفريدي جي اسٽريٽ موومينٽ اثر ڏيکاري چڪي هئي لياري ۽ ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ پي ٽي آءِ کي خاصي پذيرائي ملي نتيجي طور، ڪالهه جو جلسو شرڪت جي لحاظ کان ڪافي متاثر ڪندڙ هو.هن سموري صورتحال ۾ پي ٽي آءِ سياسي دٻاءُ وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي رياست، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي نئون پريشر پيدا ٿيو۽ جيڪڏهن ڪو سڀ کان وڏو نقصان کڻندڙ نظر اچي ٿو، ته اهو پاڪستان پيپلز پارٽي آهي،ڪراچي سميت سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو پيپلز پارٽي جي سياسي ناڪامي طور سندن “چارج شيٽ” ۾ شامل ٿي چڪو آهي، ۽ اهي منفي پوائنٽس سندن مستقبل جي سياست لاءِ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اڱارو 13 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.