جيڪڏهن ورزش ڪرڻ کانپوءِ توهان کي پنهنجو مزاج خوشگوار محسوس ٿئي ٿو ته اهو رڳو اوهان جو وهم ناهي، حقيقت ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.
حقيقت ۾ جسماني سرگرمين سان مزاج خوشگوار ٿيندو آهي ۽ ڊپريشن جهڙي عام دماغي بيماري جي علامتن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي آهي.
هي ڳالهه هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
برطانيا جي لنڪاشائر يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ڊپريشن جي شڪار 5 هزار ماڻهن تي ڪيل 73 ڪلينڪل ٽرائلز جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.
انهن مان گهڻا ماڻهو آرام وارين دوائن جو استعمال ڪري رهيا هئا.
تحقيق مان پتو پيو ته ورزش ڪرڻ واري عادت ڊپريشن جي علامتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ دوائن يا نفسياتي ٿراپيز جيتري ئي اثرائتي ثابت ٿئي ٿي.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ورزش ڪرڻ سان دماغي نيوورو ٽرانسميٽرز وارا عمل بهتر ٿين ٿا، جنهن ذريعي ڊپريشن جي علامتن جي شدت ۾ گهٽتائي اچي ٿي.
سولن لفظن ۾ جسماني سرگرمين سان جسم اندر اهڙا ڪيميڪل خارج ٿين ٿا جيڪي مزاج کي خوشگوار بڻائين ٿا.
ان سان گڏ ورزش اهڙن عنصرن کي به سرگرم ڪري ٿي، جيڪي دماغي واڌ ويجهه لاءِ اهم هوندا آهن، جنهن سبب به ڊپريشن جي شدت گهٽجي ٿو.
تحقيق موجب، هلڪي کان وچولي شدت واري ورزش سان به ڊپريشن جي علامتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.
يعني اهڙيون جسماني سرگرميون، جنهن ذريعي دل جي ڌڙڪن جي رفتار ڪجهه حد تائين وڌي وڃي، اهي دماغي صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون.
ايروبڪ ورزشون، جهڙوڪ تيز رفتاري سان هلڻ يا ڏاڪڻيون چڙهڻ ۽ وزن کڻڻ واري ورزش جي ميلاپ سان ڊپريشن جي روڪٿام ۾ وڌيڪ فائدو ٿئي ٿو.
تنهن هوندي به رڳو تيز رفتاري سان هلڻ سان به دماغي صحت کي فائدو پهچي سگهي ٿو.
محققن ٻڌايو ته اهو ماڻهن تي دارومدار رکي ٿو ته هو ڪهڙي قسم جي ورزش ڪرڻ چاهين ٿا، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن يوگا سان به جاگنگ جيترو فائدو ملي سگهي ٿو.
ماهرن موجب، ورزش تي وڌيڪ خرچ به نه ايندو آهي ۽ ان جا نقصانڪار اثر به تمام گهٽ هوندا آهن، جڏهن ته ان جا جسم، ذهن ۽ جذبن تي هاڪاري اثر پون ٿا.
ياد رهي ته ڊپريشن هڪ پيچيده ذهني بيماري آهي، جنهن جو شڪار ماڻهو اڪثر اُداس رهندا آهن ۽ هر وقت بيوسي جو احساس به ٿي سگهي ٿو.
پر ڊپريشن رڳو ”دماغ“ تائين محدود رهندڙ بيماري ناهي، پر ان جي نتيجي ۾ جسم به متاثر ٿيندو آهي.
هي اهڙي ذهني بيماري آهي، جنهن سان موجوده دور ۾ هر عمر جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.