سنڌ جبر برداشت پئي ڪري، آئيني ترميمون ڪري مظلوم قومن کان حق کسيا پيا وڃن:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ طرفان سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا )جي صدر مقبول ھاليپوٽو ۽ ٻاھران آيل وفد جي مان ۾چولياڻي ھائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ آجياڻو  ڏنو ويو. آجياڻي جي تقريب ۾ قومپرست اڳواڻن، سنڌ جي ساڃاھ وندن ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ  ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ ،ملڪ ٺھڻ کان وٺي جبر کي منھن ڏيندي پئي اچي هتي مڪمل مارشل لا لاڳو ٿيل آھي. هن چيو ته سول حڪومتون سدائين آمريتن جي پيداوار رھيون آھن. جڏھن به آئين ۾ ترميمون ڪيون ويون آھن ته مظلوم قومن خاص ڪري سنڌين جا قومي حق پائمال ڪيا ويا آھن ھتي لاقانونيت جو راڄ قائم آھي. پوليس عدالتن کان مٿانھان قتل ڪري رھي آھي يا وري ماڻھن کي اپاھج ڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته ڇھن ڪئنالن جي خلاف تحريڪ پئي ھلي ته ھٿ وٺي عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪري سنڌ کي مذھبي انتھاپسندي جي باھ ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ھن چيو ته ھن وقت ھڪ پاسي سنڌ جي جاگرافي وحدت کي خطرا پيدا ڪيا ويا آھن. وسيلن تي والار جاري آھي، انساني حق معطل آھن. هن چيو ته سنڌ جا ماڻھو اذيت مان پيا گذرن هن وقت ھٿ وٺي لساني سوچ کي ھٿي وٺرائي پئي وڃي ھڪ طرف الطاف حسين چئي ٿو ته اردو ڳالھائيندڙن جو وطن سنڌ آھي ته ٻئي طرف مصطفيٰ ڪمال جي ذريعي نسلي فساد وڌائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ھوڏانھن سنڌ ۾ به ڪجهھ ماڻھو ساڳئي لسانيت پکيڙي ونگاري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ پنجاب وٽ غلام بڻيل آھي. اسين سائين جي ايم سيد جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سندس نظريي تي ھلي رھيا آھيون، سانا اسان لاءِ عالمي طور اتساھ جو ذريعو آھي. سانا کي وقت ۽ حالتن آھر پنھنجي پاليسين کي وڌيڪ واضع ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي قومي نجات لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ھن چيو ته بدين ۾ بيگناھ قتل ڪيل ڪيلاش ڪولھي جي قاتل کي سزا ڏني وڃي، دادو ۾ پوليس دھشتگردي ڪري نادر جمالي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي ان عمل جي مذمت ٿا ڪريون. هن چيو ته ٺٽو جي جيل ۾ تشدد ڪري قتل ڪيل علي بخش ملاح واقعو اگھاڙي بربريت آھي. تقريب کي خطاب ڪندي سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو چيو ته سانا پنھجي وس آھر سنڌين لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھي. اسان 41 سال اڳ ۾ 13 ماڻھن جي ٺھيل تنظيم کي دنيا جي سنڌين جي عالمي تنظيم بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون ھن چيو ته جڏھن به ڏکيون حالتون سامھون آيون ته شاھ عبداللطيف جي فڪر اسان جي رهنمائي ڪئي ھن چيو ته اسان سنڌ جي جاگرافي، وسيلن توڙي وطني حيثيت لاءِ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪنداسين. جسقم شھيد بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سانا اسان جي جھدوجھد جي اخلاقي مدد ڪري پنھنجي فورم تان سنڌ جو قومي ڪيس اڀارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته سنڌ تي  قبضو ٿيل آھي اھڙين حالتن ۾ گڏيل جھدوجھد جي ضرورت آھي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو ته ڪي ڪي ويھڪون تاريخ جو سنگ ميل ثابت ٿينديون آھن ،سانا کي سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ عالمي فورمن تي آواز اٿارڻ گهرجي. ان موقعي تي سائين جي ايم سيد جي پوٽي ڊاڪٽر ضياءُ شاهه، ايس يو پي جي اڳوڻ روشن ٻرڙو، سانا اڳواڻ ڊاڪٽر ناصر جمال پٺاڻ. سانا عورت اڳواڻ شاھده شيخ. اسماعيل وساڻ. ڊاڪٽر بدر چنا. شبير جمالي. مسعود وساڻ. روشن ڪلھوڙو. نواز شاهه ڀاڏائي. پنھل جمالي. ڊاڪٽر خوشحالداس ڪالاڻي. ستار زنگيجو، پنھل ساريو، ايڊوڪيٽ رزاق سولنگي. الاھي بخش چاچڙ. اياز سولنگي. پرويز قريشي ۽ ٻين تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.