ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته مهمانن جي مهمان نوازي ۽ سيڪيورٽيصوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪا سنڌ حڪومت پوري ڪئي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مڪمل سيڪيورٽي سان آندو ويو ۽ سنڌ پوليس به ساڻس گڏ هئي. جناح باغ ۾ جلسي جي اجازت وفاقي حڪومت کان ورتي وئي هئي، جڏهن ته ڪالهه پيش آيل واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي. ناصر شاهه چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير جو دورو طئي ٿيل شيڊول مطابق هو ۽ سڀني کي ان جي خبر هئي، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جو دٻاءُ هجي ها ته صوبائي وزير سعيد غني مهمانن جي آجيان ڇو ڪري ها؟ ٻئي پاسي اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت تي هر سياسي پارٽي سان ڳالهيون ممڪن آهن ۽ مسئلن جو حل جمهوري عمل ذريعي ئي ڳولي سگهجي ٿو.