نه اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور تي درست آهي نه پي ٽي آءِ سڄي غلط آهي:جنرل(ر)نعيم لوڌي

اسلام آباد(مزمل سهروردي)جنرل (ر)نعيم خالد لوڌي چيو آهي ته پاڪستان مستحڪم ٿي رهيو آهي. دنيا پاڪستان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، اسان کي بين الاقوامي ٺيڪا ملي رهيا آهن، عالمي سطح تي پاڪستان جي قبوليت وڌي آهي، ۽ اسان جي ملٽري ڊپلوميسي بلڪل درست رخ تي لڳي ٿي. هن چيو ته  خاص طور مئي کان پوءِ، “بنيان مرصوص” ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ، پاڪستان جي پوزيشن ۾ واضح سڌارو آيو آهي. پر تصوير جو ٻيو پاسو به ڏسڻو پوندو. مثال طور خيبر پختونخواهه ۾ حالتون ڪهڙيون آهن؟ وفاقي حڪومت ۽ ڪي پي حڪومت جا لاڳاپا ڪيئن آهن؟ بلوچستان ۾ حالتون اڃا به اهڙي سطح تي ناهن پهتيون جو چئي سگهجي ته سڀ ٺيڪ ٿي ويو آهي. اتي اڃا تائين عام ماڻهو آزاديءَ سان سفر نٿا ڪري سگهن،هن چيو ته اسان کي اهو به ذهن ۾ رکڻو پوندو ته پاڪستان جا دشمن، جهڙوڪ ٽي ٽي پي، بي ايل اي، بي آر اي وغيره، اسان جي پاڙون ڪٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ۽ اسان کي خبر آهي ته انهن جي پٺيان ڪهڙيون قوتون آهن. ان ڪري، جيڪو ڪجهه مٿاڇري تي نظر اچي ٿو، اهو لازمي ناهي ته مڪمل حقيقت هجي. اهو ڏسڻو پوندو ته غربت وڌي آهي يا گهٽجي؟ ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ وڃي رهيا آهن يا نه؟، هن چيو ته مغرب ۾ اڄ به ڪيترن کي اهو قبول ناهي ته ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ ايٽمي طاقت هجي. سماج کي سياسي، مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي ورهائڻ هڪ خطرناڪ رستو آهي،هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا توهان اڳ ڪڏهن اهڙي گهري سياسي ورهاست ڏٺي آهي، جهڙي اڄ نظر اچي رهي آهي؟جيڪڏهن جواب “نه” آهي، ته پوءِ اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اڄ جي ورهاست غيرمعمولي آهي، ۽ ان ۾ دشمنن جو هٿ به شامل آهي، جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي نفرت وڌائي رهيا آهن.مان ڪنهن هڪ ڌر کي نه، پر سڀني کي چوان ٿو ته نفرت ۽ ٽڪراءَ کان بچو. ڳالهه ٻولهه ضروري آهي. وزيراعظم پاڻ چيو هو ته ڳالهين لاءِ رستو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن کان پڇڻو آهي ته پوءِ اهو به واضح هجڻ گهرجي ته اختيار ڪنهن وٽ آهي،هن چيو ته کي انهن ماڻهن سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جن وٽ حقيقي اختيار آهي. فوج ان عمل کان ٻاهر ناهي، ڇو ته حقيقت ۾ طاقت جا ڪجهه مرڪز اتي موجود آهن. جيڪڏهن فوج جي نمائندن سان ڳالهه ٿيندي ته اها ڳالهه بامقصد ٿيندي،هن چيو ته جيڪڏهن عوام جي وڏي حصي کي ڌڪيو ويندو، ته ملڪ مستحڪم نٿو رهي سگهي. مضبوط فوج ضروري آهي، پر عوام جي حمايت کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي،هن چيو ته  نه سڀ فوج صحيح آهي، نه سڀ پي ٽي آءِ  غلط آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 12 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.