ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سُهيل آفريدي جي زبردست مقبوليت ۽ڪراچي جي لياري، گھانچي پاڙي،بلديه ٽائون ۽ حيدرآباد ۾عوام جي وڏي ميڙپيپلز پارٽي جي قيادت کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔انهيءَ صورتحال جي نتيجي ۾هاڻي سنڌ حڪومت جو ٻيو چهرو به سامهون اچي ويو آهي۔صوبائي حڪومت پاران جلسي جي اين او سي جاري ٿيڻ باوجود،پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت ٽڪراءَ جي راهه اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ڇاڪاڻته سنڌ ۾ انهن خلاف ڪا خاص سختي نه ٿيڻ سبب ڪا به وڏي خبر ٺهي نه پئي سگهي، تنهنڪري پنهنجي پاليسي تي هلندي ڪراچي جا روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،انهن عملن کي ڏسندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي سنڌ حڪومت به پي ٽي آءِ کي سندس ئي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،ٻئي پاسي ڪراچي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي هٿن مان نڪري وئي آهي صحافي دودو چانڊيو سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته عمران خان جي سياست سان هزارين اختلاف هوندا،پر ڪراچي هاڻي نه ايم ڪيو ايم جي رهي آهي،نه جماعت اسلامي جي.ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبوليت هاڻي عمران خان جي آهي.وقار لغاري چيو ته ڪراچي ۾ سهيل آفريدي لاءِ عوامي سمنڊ اٿلي پيو،شايد ٻه مهينا اڳ ڪنهن سندس نالو به نه ٻڌو هو.پر ڇاڪاڻ ته سهيل، ڪپتان سان گڏ بيٺو رهيو،هن چيو ته جيڪڏهن رڳو سهيل آفريدي تي ايترو وڏو ميڙ نڪري آيو آهي،ته پوءِ جيڪڏهن ڪپتان پاڻ نڪتو،ته حالتون ڪهڙيون ٿينديون؟غير جانبدار ڳالهه ڪيان ته،ڪراچي شهر هاڻي ڪنهن ٻئي جو ناهي رهيو،هتان جي عوام شايد رڳو ڪپتان کي ئي پسند ڪري ٿو.