هالا/نيو سعيد آباد (پ ر+ن ع آ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمٰن چيو آهي ته هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو طاغوتي شيطان آمريڪا آهي، جنهن جو صدر ٽرمپ وڏي بي شرمي سان چوي ٿو ته مان جڏهن ۽ جتي چاهيان، پنهنجي فوج کي ڪنهن به ملڪ تي حملي جو حڪم ڏئي سگهان ٿو. ٽرمپ نيتن ياهو جو سڀ کان وڏو سرپرستبڻيل آهي. هاڻي جڏهن ايران ۾ مهانگائي خلاف مظاهرا ٿي رهيا آهن ته تڏهن انهن کي ايراني عوام ياد اچي رهي آهي. اهي ماڻهو رڳو پنهنجن مفادن جا محافظ آهن. پيپلز پارٽي هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي اي پلس ٽيم جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن سبب انهن کي کليل ڇوٽ ڏنل آهي. زرداري جو پورو خاندان گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهيو آهي، پر 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، تنهن هوندي به پيپلز پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن کي ڪو به شرم نٿو اچي. وفاق کان صوبي کي هزارين ارب رپيا مليا، پر سڀ هڙپ ڪيا ويا ۽ ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاريو ويو. سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان پيپلز پارٽي قوم پرستي جي بنياد تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري قوم کي ورهائي ڇڏيو آهي، هاڻي سنڌ جي عوام کي جاڳڻو پوندو.حڪمرانن عوام کان روزگار، صحت ۽ تعليم جا حق کسيا آهن. هارين کي پنهنجو حق نٿو ملي. ڪا به اهڙي حڪومت يا رياست نظر نٿي اچي، جيڪا عوام کي هن ظلم کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي. جماعت اسلامي سنڌ جي عوام کي هرگز اڪيلو نه ڇڏيندي. ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت ۾ ٻرندڙ مسئلا کڻي عوام وٽ وينداسين ۽ حڪمرانن جو گهيراءُ ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي ديني درسگاهه جامعه منصوره هالا جي سالياني تقريب ختم بخاري جي موقعي تي خصوصي خطاب دوران ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته جنريشن زي ۾ رڳو اسڪولن جا ٻار نه پر مدرسا، هاري، مزدور ۽ بٺن تي ڪم ڪندڙ ٻار به شامل آهن. پوري سنڌ ۾ ٻارن لاءِ آءِ ٽي ڪورسز سان گڏ راندين ۽ هنر جي ميدانن ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا شفيع محمد نظاماني، مولانا جان محمد ڀٽو، چوڌري غلام محمد مرحوم ۽ پروفيسر سيد محمد سليم سميت ٻين بزرگن هن اداري جي ترقي ۽ دعوت دين لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سي ساراهه جوڳيون آهن. ان موقعي تي ڪاشف سعيد شيخ، مولانا احسن ڀٽو، پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، محمد يوسف، مجاھد چنا ، فقير محمد منصوري، چوڌري نثار، محمد حنيف شيخ سميت ٻيا صوبائي ذميوار پڻ موجود هئا.