واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا جي ايران ۾ جاري احتجاج تي نظر آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته عوام جي مدد لاءِ تيار آهيون.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران آزادي ڏانهن وڌي رهيو آهي، اهڙي صورتحال اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺي، ايراني عوام ورهيل کان حڪومتي ظلم جو شڪار آهي ۽ هاڻ ردعمل سامهون اچي رهيو آهي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر چيو هو ته جيڪڏهن ايران ۾ احتجاج ڪندڙن تي طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته آمريڪا مداخلت ڪري سگهي ٿو.
ايران آزادي ڏانهن وڌي رهيو آهي، احتجاج ڪندڙن جي مدد لاءِ تيار آهيون: ٽرمپ
Prev Post
You might also like