آمريڪا ۽ اسرائيل ڏڦيڙ ڪرائي رهيا آهن، عوام متحد رهي: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ ايران ۾ ڏڦيڙ ڪرائي رهيا آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي مسعود پزشڪيان چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙڻ چاهين ٿا، ايراني عوام ڏڦيڙين ۽ دهشتگردن کان پاڻ کي پري رکي.
هن چيو ته عوام ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏئي، عوام کي يقين رکڻ گهرجي ته اسان انصاف قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.
هوڏانهن قوم کي خطاب ڪندي مسعود پزشڪيان چيو ته حڪومت مسئلن جي حل، عوام جي تڪليف گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ڪنهن پرڏيهي کي قوم ۾ ڏڦيڙ وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
هن چيو ته آمريڪي صدر کي وينزويلا، غزا ۽ ٻين هنڌن تي کنيل قدمن تي شرم اچڻ گهرجي.
مسعود پزشڪيان ايراني عوام کي ملڪي مسئلن جي حل لاءِ متحد ٿيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته ڪو به شهري بدامني نه پکيڙي ۽ ٻئي انسان کي قتل نه ڪري، حڪومت بدعنواني جي پاڙڻ خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.
هن عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ سڀني کي ڏڦيڙن خلاف بيهڻ جي دعوت ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.