جده (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته صومالي لينڊ صوماليا جو غير تڪراري ۽ اڻٽٽ علائقو آهي، ڪو ٻاهريون ادارو يا رياست ان حقيقت کي تبديل ڪرڻ جو قانوني يا اخلاقي حق نٿي رکي.
جده ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي قدم صوماليا جي عالمي طور تسليم ٿيل سرحدن تي سڌي ريت حملو آهي، پاڪستان صوماليا جي خود مختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته اسرائيلي پرڏيهي وزير جو صومالي لينڊ جو دورو انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي، پاڪستان اسرائيل جي غير قانوني ۽ غير حقيقي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪري ٿو، پاڪستان گڏيل قومن ۾ به اسرائيل جي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي قدم هارن آف آفريقا ۽ احمر سمنڊ ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن، پاڪستان او آءِ سي ملڪن سان گڏجي اسرائيل جي قدمن کي گڏيل بيان ۾ رد ڪيو، صوماليا جي ترقي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
صوماليا جي سلامتي جي حمايت ڪيون ٿا، اسرائيلي قدم امن لاءِ خطرو آهن: اسحاق ڊار
You might also like