اين ايف سي ۾ صوبن کي حصو ڏيو،27هين ترميم سنڌ جي وسيلن جي خلاف آهي:سهيل آفريدي

نوري آباد/ڄامشورو/ڪوٽڙي(رپورٽ :سڪندر پالاري +صدرالدين جوڻيجو+جبار ڪابورو ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي جي ڄامشوري ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي. سهيل آفريدي جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين زين شاهه سان ملاقات ڪئي. سهيل آفريدي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيئن سيد زين شاھ چيو ته هو سنڌ جي حقيقي جنگ وڙهي رهيو آهي، ايئن اسان به ملڪ جي حقيقي جمهوريت لاءِ وڙهي رهيا آهيون، جيڪا آزاد عدليا ۽ آزاد ميڊيا لاءِ آهي، اسان حقيقي جمهوريت وارو عمران خان جو خواب پورو ڪنداسين. مون ڪالھ چيو هو ته سنڌ اندر شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي سياست هلي پئي پر هاڻي انهن جي سياست زرداري تباھ ڪري ڇڏي آهي. سهيل آفريدي چيو ته توهان سڀني کي سڀاڻي ڪراچي واري جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت آهي، اسان ثابت ڪنداسين ته سنڌ ڪالهھ به عمران جو هئي ۽ اڄ به آهي، 27هين آئيني ترميم سنڌ جي وسيلن خلاف آهي، سنڌ جوعوام تبديلي چاهي ٿي، هن چيو ته جناح باغ کي تالا هنيا ويا آهن پر اسان هر حال ۾ ڪراچي ۾ جلسو ڪنداسين، سنڌ جو عوام حڪمرانن جو اصل چهرو ڏسي ڇڏيو آهي، سنڌ جو عوام اهڙن حڪمرانن کان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو. آجياڻي واري جلسي کي آجياڻي واري خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته سهيل آفريدي کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا، هتي اسان کي احتجاج ۽ جلسا ڪرڻ نه ٿا ڏنا وڃن، هر روز اسان تي ايف آئي آر داخل ڪيون ٿيون وڃن، سيد زين شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان بنيادي حڪمراني کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي، اسان جي هڪ ئي گڏيل راءِ آهي ته ملڪ اندر آئين تحت جمهوري نظام قائم هجي، هن چيو ته غلط پرڏيهي پاليسين سبب دهشتگردي وڌي آهي، ملڪ ۾ معشيت تباھ آهي، غير ملڪي ته سرمائيڪاري نه پيا ڪن پر هتان جا سرمائيڪار به مُلڪ ڇڏين پيا، اسان اوهان سان ان لاءِ گڏ آهيون ته هن ناانصافين جو خاتمو آڻي سگهجي، مُلڪ جي تمام سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. سيد زين شاھ چيو ته مُلڪ کي سياسي جيل ٺاهي رکيو اٿن، حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اوهان ڪرائي جا سياسي ماڻهو بڻجي مُلڪ لٽي رهيا آهيو، اسان اصول جي ڳالهھ ڪريون ٿا ته اسان کي جي ايم سيد کان زين شاھ تائين غدار قرار ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي عمران خان کي به سياست ۾ غدار بڻايو ويو آهي،جڏهن ته ڄامشوري ضلعي ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل احمد آفريدي جي نوري آباد،ڪوٽڙي سائيٽ،ڄامشورو پراڻو ٽول پلازه،ڄامشورو سيد هائوس پاران ڀرپور استقبال ڪيو ويو،گلن جي ورکا،وڏي وزير کي سنڌي اجرڪون ٽوپي،لونگين ۽ پٽڪن جا تحفا پيش ڪيا وياان کان اڳ سهيل آفريدي جي ڪوٽڙي خورشيد چوڪ تي آمد عوام جو سمنڊ اٿلي پيو گلن جي ورکا سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، ان موقعي تي محمد سهيل آفريدي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري آهي سنڌ ۾ عمران خان جيل مان پيغام موڪليو آهي ته هتي اسٽريٽ موومينٽ جي تياري ڪئي وڃي، ۽ جڏهن عمران خان سڏ ڏيندو ته اسٽريٽ موومينٽ لاءِ اوهان کي اسان جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ هن وقت زرداري جي قبضي هيٺ آهي، ڪراچي جي باغِ جناح جا گيٽ تالا هڻي بند ڪيا ويا آهن پر کين ٻڌايون ٿا ته جلسو هر صورت ۾ ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 26هين آئيني ترميم ذريعي پاڪستان جي آئين جي ڍانچي کي لوڏي ڇڏيو آهي، سنڌ جا ماڻهو هاڻي پيپلز پارٽي کي وڌيڪ ڏسڻ نٿا چاهين ۽ هو ان کان آزادي گُهرن ٿا ،بيرسٽر سلمان اڪرم راجا خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن کي نٿا ملن، گئس ۽ پاڻي سنڌ جي ماڻهن جا آهن. تحريڪ تحفظِ پاڪستان جي پليٽ فارم تان اسين اوهان سان گڏ بيٺل آهيون. جيڪڏهن عمران خان بزدل هجي ها ته هو ڪا ڊيل ڪري ڪڏهن جو جيل مان ٻاهر اچي وڃي ها، پر هو اصولن جي جنگ وڙهي رهيو آهي. پنجابي هجن، بلوچ، سنڌي يا پٺاڻ سڀ عمران خان سان گڏ آهن،جڏهن ته نوري آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ڀرپور ۽ جوشيلي آجيان ڪئي وئي پي ٽي آءِ سنڌ جي نائب صدر پير زمان شاھ جيلاني، حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ شاھ جيلاني، پالاري برادري جي معزز اڳواڻ بادل خان پالاري سميت پارٽي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هواستقباليه ڪئمپ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي وزيراعليٰ جو والھانه استقبال ڪيو.

حيدرآباد(رپورٽر) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سھيل خان آفريدي حيدرآباد پريس ڪلب ۾  ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه سان نا انصافي ٿي رھي آھي ، وفاق صوبي جي حقن تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي، سمورن صوبن ۾ اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھنيو ويو. موجوده وفاقي حڪومت جعلي آھي، ان کي  نٿا  مڃون ، رجيم گيم ڪري ھٿ ٺوڪيا ماڻھو حڪومت ۾ مڙھيا  ويا آھن. قبائلي علائقا 78 سالن کان نظر انداز ڪيا ويا آھن. جڏھن به قرباني جو وقت آيو ته اسان کان قرباني ورتي وئي پر اسان کي اسان جا حق نٿا ڏنا وڃن،  آئون پھريون قبائلي ماڻھو آھيان جيڪو ننڍي ڄمار ۾ صوبي جو وڏو وزير بڻيو آھيان. جڏھن به منھنجو نالو وڏي وزارت لاءِ نامزد ٿيو ته ھڪ اداري جي سربراھ منھنجي نالي تي اڻ وڻائي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته اسان ملڪ لاءِ ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. ٻين صوبن جي وڏن وزيرن لاءِ ايئر فورس جو جھاز ھوندو آھي پر ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ منھنجو نالو اي سي ايل ۾ ڏئي منھنجي مٿان من گهڙت الزام ھڻي وڊيوز ھلايا ويا. ھن چيو ته اين ايف سي چئن صوبن ۾ تقسيم ٿيڻ گھرجي، اسان جي صوبي جون  4758 ارب رپيا وفاق ڏي رھتون آھن. صوبي جي مک روڊ منصوبن لاءِ وفاق رقم ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت ۽ عوام سنڌ جي عوام سان ھر ڏک سک ۾ گڏ بيٺل رھندي. ھن چيو ته آئون حيدرآباد جي صحافين کي اپيل ڪيان ٿو ته جيئن انھن سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيا آھن، ايئن ئي اسان جو ڪيس به وڙھن. اسان به سنڌ جي پاڻي واري معاملي تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل رھياسين ۽ ھاڻ به ھر مسئلي تي سنڌ جي عوام سان گڏ جبل بڻجي بيھنداسين. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي جيڪڏھن اسان سان ٺاھ ڪرڻ چاھي ٿي ته پھريان اھو تسليم ڪري ته 8 فيبروري واري اليڪشن فراڊ ھئي، حڪومت ڇڏي اسيمبلين تان استعيفي ڏي. ھن ھڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چيو ته  طاقتور قوتن کي ھڪ ئي پيغام ڏنو آھي ته انھن 2024 جي اليڪشن تي ڌاڙو ھنيو آھي، جعلي مينڊيٽ وارا استعيفائون ڏين. ھن چيو ته آپريشن ڪنھن به مسئلي جو حل ناھي، ھر فيصلا بند ڪمرن ۾ ڪيا وڃن ٿا.ھن چيو ته ملڪي ادارن کي مفلوج ڪيو ويو آھي، عمران خان جو ساٿ ڏيندڙ جيلن ۾ آھن ۽ 9 مئي جي مذمت ڪندڙن کي آزاد ڪيو وڃي پيو، آئون صوبي جو وڏو وزير آھيان، اڊيالا جيل ۾ قائد عمران خان سان ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي ۽ جيل سپرينٽنڊنٽ آرڊر ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو. ھن چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ناحق جيل ۾ قيد ڪيو ويو آهي، عدالت اڄ به انصاف ڪري ته ھو ڪلاڪ ۾ آزاد ٿي سگھي ٿو پر صاف شفاف ٽرائل نه ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته جن توشا خاني مان گاڏيون ۽ تحفا غيرقانوني کنيا اھي حڪومت ۾ آھن ۽ جن قانوني طريقي سان تحفا کنيا اھي جيل ۾ آھن. ھن چيو ته فاٽا وارن سان وعدو ڪيو ويو ته انھن کي ساليانو ھڪ سئو ارب ڏنو ويندو پر نه ڏنا ويا، ھن چيو ته قومي مفاد سڀني ڳالھين کان بالاتر آھي، عمران خان آزاد عدليا، آزاد ميڊيا، آئين، قانون ۽ عوام جي حقيقي مينڊيٽ جي ڳالھ ڪري ٿو. جيڪڏھن ان تي عمران خان جو ضد آھي ته سڀني کي ان جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته ڪي پي ڪي جي عوام ظلم جبر باجود به تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏئي ٽيون ڀيرو ڪامياب ڪيو آھي. سنڌ جو عوام ھتان جي پارٽي ۽ حڪومت کان ناراض لڳي ٿو، ھتي خانداني پارٽي ھلي رھي آھي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير ڪي پي ڪي مينا خان، صوبائي وزير عدنان قادري، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ موجود ھئا. ھوڏانھن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سھيل خان آفريدي کي حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار پاران آجياڻو ڏنو ويو. جڏھن ته حيدرآباد آمد دوران ھزارين ماڻھن سندس مختلف ھنڌن تي استقبال ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.