لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي خابرو اداري روئٽرز موجب پاڪستان سوڊان کي هٿيار ۽ جنگي جهاز فراهم ڪرڻ لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جي هڪ معاهدي جي آخري مرحلن ۾ آهي.
روئٽرز چيو آهي ته پاڪ فضائيا جي هڪ اڳوڻي اعليٰ آفيسر ۽ ٽن باخبر ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان مان هٿيار خريد ڪرڻ وارو هي معاهدو سوڊاني فوج لاءِ وڏي سگهه جو سبب بڻجندو، جيڪا نيم فوجي تنظيم ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف) خلاف جنگ ۾ رڌل آهي.
خبر ايجنسي موجب آر ايس ايف ۽ سوڊاني فوج وچ ۾ گذريل اڍائي سالن کان جاري تڪرار دنيا جي بدترين انساني بحرانن مان هڪ کي جنم ڏئي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي پرڏيهي مفادن جي شموليت به ٿي چڪي آهي، هي تڪرار احمر سمنڊ جي تزويراتي لحاظ سان انتهائي اهم ۽ سون سميت ٻين معدني وسيلن سان مالا مال ان ملڪ جي ٽٽڻ جو خطرو پيدا ڪري رهيو آهي.
روئٽرز ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته معاهدي تحت پاڪستان سوڊاني فوج کي 10 قراقرم-8 لائيٽ حملي آور جهاز، نگراني ۽ آپگهاتي حملن لاءِ 200 کان وڌيڪ ڊرون ۽ جديد فضائي دفاعي نظام فراهم ڪندو.
پاڪ فضائيا جي اڳوڻي اعليٰ آفيسر موجب قراقرم-8 جهازن سان گڏ سپر مشاق تربيتي جهاز به فراهم ڪيا ويندا، امڪان آهي ته پاڪستان جا JF-17 جنگي جهاز به ان معاهدي جو حصو بڻجن پر انهن جي انگ يا فراهمي جي وقت بابت ڪا وضاحت نه ڪئي وئي.
روئٽرز موجب پاڪستان ۽ سوڊان جي عسڪري اختيارين ان خبر تي تبصري جي درخواست تي ڪو به تڪڙو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو.
برطانوي خبر ايجنسي موجب اهو معاهدو پاڪستان جي وڌندڙ دفاعي صنعت لاءِ هڪ ٻي اهم ڪاميابي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي ان وقت دلچسپي ۽ سيڙپڪاري وڌي، جڏهن گذريل سال ڀارت سان تڪرار دوران پاڪستاني جنگي جهاز استعمال ڪيا ويا.
گذريل مهيني اسلام آباد ليبيا جي نيشنل آرمي سان 4 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جو هٿيارن جي وڪري جو معاهدو ڪيو هو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جي وڏن دفاعي سودن مان هڪ آهي، جنهن ۾ JF-17 جنگي جهاز ۽ تربيتي جهاز شامل آهن.
رپورٽ موجب پاڪستان بنگلاديش سان به دفاعي معاهدي بابت ڳالهيون ڪيون آهن، جن ۾ سپر مشاق تربيتي جهاز ۽ JF-17 شامل ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان جي سوڊان کي هٿيار ۽ جنگي جهاز وڪرو ڪرڻ جي تياري: پرڏيهي خابرو اداري وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي
You might also like