کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ قتل جي قدم برابر، ڪهڙي سزا ملندي؟ سخت قانون اچي ويو

اسان جي خطي جي ملڪن ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عام ٿي چڪي آهي، منافعي خور پنهنجي ڀِڀَ ڀرڻ لاءِ انساني جانين سان کيڏڻ کان به ناهن ڪيٻائيندا ۽ کاڌي پيتي جون شيون ملاوٽ ڪري کپائيندا آهن.
پر هاڻ جيڪو به ائين ڪندو، اهو قانوني طور ڏوهي هوندو ۽ ملاوٽ کي قتل جو قدم سمجهندي ان کي سخت سزا ملندي، گهٽ ۾ گهٽ ڀارت جي حيدرآباد دکن ۾ ته ائين ٿيندو.
ڀارتي ميڊيا موجب حيدرآباد دکن ۾ پوليس ڪمشنر کاڌي پيتي جون شيون کپائيندڙن کي تنبيهه ڪئي آهي ته اهي اهو مڪروهه فعل ڇڏي ڏين، ٻي صورت ۾ لائسنس رد ڪري کين جيل موڪليو ويندو.
رپورٽ موجب کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جي روڪٿام لاءِ پوليس ۽ فوڊ سيفٽي اختيارين خاص گڏيل ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ملاوٽ ڪندڙن کي پهريون ڀيرو تنبيهه ۽ ٻيهر پڪڙڻ تي لائسنس رد ڪري جيل موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.