سياري ۾ مٿي ۾ سور ڇو پوندو آهي ۽ ان کان ڪيئن بچجي؟

ڪجهه ماڻهن کي ٿڌ سبب مٿي ۾ سور پوندو آهي، جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.
ماهرن موجب ڇو ته اسان سياري ۾ پاڻي گهٽ پيئندا آهيون، تنهن ڪري جسم جي عضون کي مناسب طريقي سان ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻي ناهي ملندو ته دماغ جون رڳون عارضي طور تي سوڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ انسان کي ذري ذري ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي، جنهن سبب مٿي ۾ سور ٿيندو آهي.
سياري ۾ سج جي گهٽ روشني جسم ۾ وٽامن ڊي جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي، اهو سيرٽونن جي سطح کي متاثر ڪندو آهي، جنهن کي ”خوشي جو هارمون“ چيو ويندو آهي، جيڪو مٿي ۾ سور جو ڪارڻ بڻجندو آهي.
جڏهن موسم تمام گهڻي ٿڌي هوندي آهي ته رت جون رڳون جسم جي گرمائش برقرار رکڻ لاءِ سوڙهيون ٿي وينديون آهن، ان سان دماغ ۾ رت جو وهڪرو تبديل ٿي ويندو آهي، جنهن سان مٿي ۾ سور پوندو آهي، جڏهن ته سياري ۾ نڪ بند ٿيڻ سبب به مٿي ۾ سور پوندو آهي.
طبي ماهرن موجب طرز زندگي معمولي تبديلي آڻي مٿي جي سور تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
جڏهن توهان کي مٿي ۾ سور ٿئي ته نرڙ ۽ ڪنڌ تي گرم ڪمپريس لڳائڻ سان رت جو وهڪرو بهتر ٿيندو آهي ۽ سور کان ڇوٽڪارو ملندو آهي.
ادرڪ ۽ ڦودني جي چاهه سان اعصاب پرسڪون ٿيندا آهن ۽ مٿي جو سور گهٽجندو آهي، ڇو ته ادرڪ ۾ سوڄ گهٽائڻ جون خاصيتون آهن ته اهو قدرتي طور تي دوا وانگر ڪم ڪندو آهي.
مٿي ۾ سور کان بچڻ لاءِ ڀلي توهان کي اُڃ نه لڳي پوءِ به وقفي وقفي سان هلڪو گرم پاڻي پيئندا رهو.
ماهرن موجب ٻاهر نڪرڻ وقت ڪنن ۽ مٿي کي ڍڪيو ته جيئن سڌي ريت هوا نه لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.