برسبين (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ جاري بِگ بيش ليگ (بي بي ايل) جي هڪ ميچ دوران پاڪستاني فاسٽ بالر زمان خان جي ايڪشن تي اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر ڊيوڊ وارنر اعتراض واري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سڊني ٿنڊر جي نمائندگي ڪندڙ ڊيوڊ وارنر بي بي ايل ۾ برسبين هيٽ خلاف شاندار بيٽنگ ڪندي 82 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي.
ميچ دوران ڊيوڊ وارنر کي برسبين هيٽ طرفان ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ کيڏندڙ زمان خان جي ايڪشن تي اعتراض ڪندي ڏٺو ويو.
ڊيوڊ وارنر بار بار زمان ڏانهن اشارو ڪندو رهيو ۽ آن فيلڊ امپائر کان سندس بالنگ ايڪشن جي قانوني حيثيت بابت پڇيو، هي منظر سڌو سنئون دنيا جي ڪرڪيٽ شوقينن ڏٺو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو.
واضح رهي ته زمان خان ميچ جي شروعاتي اوور ۾ متعارف ڪرايو ويو، پر هو لائين ۽ لينٿ تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ سندس اسپيل دوران وائيڊ بال، فل ٽاس ۽ شارٽ بالز ڏسڻ ۾ آيا، جنهن جو ڊيوڊ وارنر مڪمل فائدو ورتو.
ميچ ۾ ڊيوڊ وارنر پرسڪون انداز ۾ سنگلز وٺندو رهيو ۽ موقعو ملڻ تي بال کي باونڊري تائين به پهچايو، ان ئي اننگز دوران هن ٽورنامينٽ جي ڇهين ففٽي پڻ مڪمل ڪئي.
زمان خان برسبين هيٽ جو حصو آهي، جنهن کي شاهين آفريدي جي متبادل طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو، هن ميچ ۾ ٽي اوور ڪيا ۽ بنا ڪنهن وڪيٽ جي 32 رنسون ڏنيون.
برسبين هيٽ ميچ سڊني ٿنڊر کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏني، تازو عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا پنهنجي پهرين بي بي ايل ميچ ۾ شاندار 78 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو.
جيتوڻيڪ زمان خان جي بالنگ ايڪشن تي اعتراض ڪيو ويو، پر ميچ دوران سندس خلاف باضابطا ڪارروائي نه ڪئي وئي.
You might also like