اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت پاڪستاني شهرين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اهي پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ حالتون بهتر ٿيڻ تائين ايران جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ٽريول ايڊوائزري موجب ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي چيو ويو آهي ته اهي انتهائي احتياط ڪن، چوڪس رهن.
بيان ۾ چيو ويو ته غير ضروري چرپر گهٽ ۽ پاڪستاني سفارتي مشنز سان باقاعدي طور رابطي ۾ رهو.
هوڏانهن ايران جي تازي صورتحال ۾ پاڪستاني سفارتخاني شهرين جي سهولت لاءِ ڪرائسس مينيجمينٽ يونٽ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
تهران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو چيو آهي ته پاڪستاني شهرين جي مدد لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو ڪري سگهجي ٿو.
You might also like