فرانس، برطانيا ۽ جرمني ايران ۾ احتجاج دوران ماڻهو مارجڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
ايران ۾ جاري ڇڪتاڻ جي صورتحال تي فرانسيسي صدر، برطانوي وزيراعظم ۽ جرمن چانسلر گڏيل بيان جاري ڪيو.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته ايراني سيڪيورٽي فورسز جي تشدد تي ڳڻتي آهي، سيڪيورٽي فورسز تشدد کان پاسو ڪري.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته ايراني اختيارين تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي آبادي جو تحفظ ڪن ۽ اظهار جي آزادي ۽ پرامن ميڙاڪن جي اجازت ڏين ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي انتقامي ڪارروائي جي خوف بنا پنهنجا حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.
You might also like