آمريڪا سرائيل سان گڏجي شرپسندي ۽ تشدد کي هٿي ڏئي رهيو آهي: ايراني سفير

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ ايراني سفير امير سعيد ايرواني چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران ۾ شرپسندي ۽ تشدد کي هٿي ڏئي رهيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ايران ۾ عدم استحڪام پکيڙڻ جي آمريڪي قدمن کي رد ڪيون ٿا، آمريڪي قدم غير قانوني ۽ غير ذميواراڻا آهن، آمريڪا جون پاليسيون عالمي امن ۽ عالمي قانونن لاءِ خطرو آهي.
ايراني سفير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خط به لکيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي قدمن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.