ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر عروج تي، پارو 7.9 تائين رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جي سخت لهر جاري آهي، جتي پارو سنگل ڊيجٽ ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر ۾ گذريل رات سڀ کان گهٽ پارو جناح ٽرمينل تي 7.9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته گلستان جوهر ۾ 10.5، شاهراهه فيصل تي 11.5، بن قاسم ۾ 11 ۽ ماڙي پور ۾ 12.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 8 ڊگري تائين ۽ وڌ کان وڌ 26 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.