ڪراچي (ويب ڊيسڪ)من موهڻي اداڪارا حريم فاروق پنهنجي جيون ساٿي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته هوءَ چاهي ٿي ڪو شهزادو اچي ۽ کيس بَگي ۾ ويهاري وٺي وڃي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن دوران هن مختلف موضوعن سميت پنهنجي لائيف پارٽنر بابت به خيالن جو اظهار ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ حريم فاروق چيو ته ”مان ڏاڍي فلمي آهيان، چاهيان ٿي ته ڪو شهزادو اچي ۽ مون کي بَگي ۾ ويهاري وٺي وڃي.“
هن چيو ته ”مان رومانوي انسان آهيان، مون کي ‘دل والي دلهنيا لي جائينگي’، ‘دل تو پاگل هي’ ۽ ‘ٽائٽينڪ’ جهڙيون فلمون ڏاڍيون وڻنديون آهن.“
سندس چوڻ هو ته زندگي ۾ اهڙو انسان هئڻ گهرجي، جيڪو توهان لاءِ وڙهي ۽ پاڻ کي تبديل ڪري، ڇو ته اها ئي سچي محبت جي نشاني آهي.
محبت ۾ دوکي بابت سوال تي اداڪارا چيو ته ”ها، دل ٽٽڻ وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ دنيا ختم ٿي وئي هجي، اهو احساس لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين رهيو، ان کانپوءِ مون پنهنجي سوچ تبديل ڪئي ۽ پاڻ کي چيو ته اڃا سڄي عمر پئي آهي.“
You might also like