ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 11 ڀارتي اسپانسرڊ خارجي ماريا ويا، هٿيار هٿ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين دوران 11 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ضلعي ڪرم ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل آپريشن دوران 5 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجين جو تعلق ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان هو، دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خارجي علائقي ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جون ڪليئرنس ڪارروائيون جاري آهن ۽ وڌيڪ خارجين جي ڳولا به جاري آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته عزمِ استحڪام تحت دهشتگردي جي خاتمي واري مهم شدت سان جاري آهي، پرڏيهي سرپرستي هيٺ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.