واڊودرا (ويب ڊيسڪ)ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي پهرين ون ڊي واڊودرا جي ڪوٽمبي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جيڪا منجهند هڪ وڳي شروع ٿيندي.
شُڀمَن گِل انجري مان ڇوٽڪارو ماڻڻ کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪئي آهي ۽ هو سيريز ۾ ڀارت جي قيادت به ڪندو، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جهڙا سينيئر بيٽر پڻ شامل آهن.
نيوزيلينڊ آخري ڀيرو 2024ع ۾ ڀارت جو دورو ڪيو، جنهن دوران ڪيوي ٽيم ڀارت کي ٽيسٽ سيريز ۾ تاريخي وائٽ واش ڪيو هو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت مائيڪل بريسويل ڪندو ۽ ون ڊي سيريز کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي تيارين لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز پڻ کيڏي ويندي