راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيوي زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب،پاڪ نيوي عربي سمنڊ ۾ مشقن دوران زمين کان فضا ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ نيوي ايل واءِ-ايٽ زيرو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو، جنهن فضا ۾ موجود هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نيول مشقن دوران بنا پائلٽ واري سطحي جهاز “يو ايس وي” جو به ڪامياب تجربو ڪيو ويو.
نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پاڪ نيوي هر حال ۾ سامونڊي دفاع کي يقيني بڻائيندي ۽ قومي بحري مفادن جو تحفظ ڪندي رهندي.
پاڪستان زمين کان فضا تائين مارڪندڙ ايل واءِ 80 ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو
You might also like