واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ جاري ملڪ گير احتجاج تي ردعمل ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايراني حڪومت ”وڏي مصيبت“ ۾ آهي، جيڪڏهن انهن پنهنجن شهرين کي ماريو ته اسان ڪارروائي ڪنداسين.
جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران ۾ احتجاج ڪندڙ اهڙن شهرن تي قبضا ڪري رهيا آهن، جن بابت ڪنهن سوچيو به نه هو.
صدر ٽرمپ چيو ته هو ايران جي موجوده صورتحال جي ويجهي کان نگراني ڪري رهيو آهي.
آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن انهن ماضي جيان پنهنجن ماڻهن کي مارڻ شروع ڪيو ته اسان ڪارروائي ڪنداسين. “
هن چيو ته ”اسان انهن کي ايتري شدت سان مارينداسين جو کين ڏاڍي تڪليف ٿيندي، ان جو مطلب فوجي موجودگي ناهي، ان جو مطلب آهي ته اسان کين پوري شدت سان مارينداسين، تنهنڪري اسان نٿا چاهيون ته ائين ٿئي۔“
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي پنهنجي مفادن لاءِ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
ايران ۾ احتجاج شدت اختيار ڪري ويو: ٽرمپ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارروائي جي ڌمڪي
You might also like