ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت اعلان ڪيو آهي ته شهر ۾ رستن تي ڪچرو ساڙڻ وارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، مڪاني ادارن جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪچرو ساڙڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ 14 هزار ٽن کان وڌيڪ ڪچرو پيدا ٿئي ٿو، صرف سينٽرل ضلعي ۾ روزانو ٽي هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿئي ٿو سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طارق علي نظاماڻي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مڪاني ادارن جي صوبائي وزير جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽائون چيئرمين ڪچرو ساڙڻ بابت شڪايت ڪئي هئي، ناصر حسين شاهه حڪم ڏنو آهي ته جتي به اهڙا واقعا ٿين، انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي ۽ گرفتار پڻ ڪيو ويندو، ڪمشنر آفيس سان گڏجي قلم 144 لاڳو ڪرائي رهيا آهيون ۽ اهڙن واقعن خلاف قدم کنيا پيا وڃن، ڪجهه ماڻهو لاعلمي ۾ ڪچرو ساڙين ٿا ۽ انهن کي ماحولياتي آلودگي جو شعور ناهي.