اڳوڻو ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر ميچ دوران لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هي افسوسناڪ واقعو خالد ميموريل سيڪنڊ ڊويزن اسڪريننگ ٽورنامينٽ جي هڪ ميچ دوران پيش آيو، جتي ڀارتي رياست ميزورم سان واسطو رکندڙ 38 ورهين جو اڳوڻو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر Khawlhring Lalremruata ميچ دوران اوچتو بيهوش ٿي ويو.
بيهوش ٿيڻ کانپوءِ ڪرڪيٽر کي ترت طبي امداد ڏني وئي ۽ علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
ڪرڪيٽر جي لاڏاڻي جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ رياستي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن احترام ۾ سموريون شيڊيول ميچون رد ڪري ڇڏيون.
واضح رهي ته ڪرڪيٽر اڳوڻو رنجي ٽرافي پليئر هو، جنهن ميزورم طرفان ٻه فرسٽ ڪلاس ميچون ۽ ست ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ حصو ورتو هو، پروفيشنل ڪرڪيٽ کان پاسيرو ٿيڻ بعد به هو مقامي ڪرڪيٽ ۾ سرگرم هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.