بنگلا ديش، پاڪستان کان 46 جنگي جهاز خريد ڪرڻ جو خواهشمند، ڳالهين جو سلسلو جاري، ڀارت پريشان

ڪراچي: بنگلا ديشي ملٽري سان لاڳاپيل هڪ سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس تي سامهون آيل معلومات موجب بنگلاديش ايئر فورس پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس سان جي ايف سترهن بلاڪ ٿري ملٽي رول فائٽر جهازن جي خريداري لاءِ انتهائي اهم ۽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن تحت مجموعي طور اٺيتاليهه جديد جنگي جهاز حاصل ڪرڻ جا امڪان آهن ۽ هي منصوبو بنگلا ديش جي هوائي جنگي صلاحيت کي بنيادي طور نئين شڪل ڏئي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب شروعاتي مرحلي ۾ سورهن جهازن جو هڪ اسڪواڊرن فاسٽ ٽريڪ بنيادن تي فراهم ڪيو ويندو، جنهن جي مجموعي لاڳت لڳ ڀڳ ست سئو ويهه ملين آمريڪي ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي ۽ هن پيڪيج ۾ نه رڳو جهاز پر پائلٽن ۽ گرائونڊ عملي جي مڪمل تربيت، آپريشنل سهولتون، مينٽيننس، ريپئر ۽ اوور هال انفراسٽرڪچر، اسپيئر پارٽس ۽ مڪمل هٿيارن جو نظام به شامل هوندو.
ان معاهدي تحت پاڪستان ايئر فورس جا تجربيڪار پائلٽ ۽ ٽيڪنيڪي ماهر بنگلا ديش ايئر فورس سان سڌي ريت ڪم ڪندا، جيڪي جهازن جي شموليت، ڪنورزن ٽريننگ ۽ ڊگهي مدي واري آپريشنل سهڪار تائين پروگرام کي مڪمل آپريشنل صلاحيت تائين پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا.
دفاعي ماهرن موجب جي ايف سترهن بلاڪ ٿري جديد جنگي صلاحيتون رکندڙ جهاز آهي، جنهن ۾ اي اي ايس اي ريڊار، جديد اليڪٽرانڪ وارفيئر سسٽمز، هيلمٽ مائونٽڊ ڊسپلي اينڊ سائيٽ ۽ نيٽ ورڪ سينٽرڪ وارفيئر جون خاصيتون شامل آهن، جڏهن ته ان سان گڏ جيڪو هٿيارن جو پيڪيج غور هيٺ ٻڌايو پيو وڃي، ان ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ پي ايل پندرهن ۽ ايس ڊي ڏهه بي وي آر ميزائل، ويجهي هوائي جنگ لاءِ پي ايل ڏهه ميزائل، لڳ ڀڳ هڪ سئو ويهه ڪلوميٽر فاصلي تان درست حملو ڪندڙ ايچ فور اسٽينڊ آف ويپن، گهري اسٽرٽيجڪ هدفن لاءِ رعاد ٽو ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل ۽ بحري هدفن ۽ خصوصي اقتصادي زون جي دفاع لاءِ اينٽي شپ ميزائل شامل آهن.
عسڪري تجزئي نگارن موجب جيڪڏهن هي معاهدو حتمي شڪل اختيار ڪري ٿو ته اهو بنگلا ديش ايئر فورس جي تاريخ جو سڀ کان اهم جديدڪاري پروگرام ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو ان کي اسٽينڊ آف اسٽرائيڪ، ڊيپ اسٽرائيڪ ۽ مؤثر ڊيٽرنس جي صلاحيت فراهم ڪندي هڪ نيٽ ورڪڊ، پريسيزن ۽ مستقبل جي جنگي ضرورتن سان هم آهنگ هوائي قوت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو، جڏهن ته خطي جي پيچيده سيڪيورٽي ماحول ۾ هي اڳڀرائي بنگلا ديش لاءِ نه رڳو دفاعي توازن پر ان جي هوائي طاقت جي اظهار ۾ به هڪ واضح ۽ فيصلائتي اسٽرٽيجڪ ڪاميابي طور ڏٺي وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.