چين خلاف آمريڪي حڪمت عملي سبب اتحادي ناراض، محاذ وڌندا پيا وڃن
لاهور (حارث چوڌري) آمريڪا سال جي شروعات ۾ جيڪي قدم کنيا اهي ممڪن طور وقت کان اڳ هئا ۽ موجوده صدر جي جلد بازي مستقبل ۾ آمريڪي مفادن لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته جيڪڏهن آمريڪا پنج سال اڳ چين کي اثرائتي انداز سان ڪائونٽر ڪري ها ته اڄ جي صورتحال ايتري پيچيده نه هجي ها.
موجوده عالمي منظرنامي ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڪولڊ وار 2.0 جاري آهي، جيڪا اڳ سوويت يونين سان هلي رهي هئي، سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ پوسٽ ڪولڊ وار جو دور شروع ٿيو ۽ عالمي نظام يوني پولر کان ملٽي پولر ۾ تبديل ٿي ويو، جتي آمريڪا، چين، روس، يورپي يونين ۽ وچ اوڀر جون طاقتون پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهن.
آمريڪا هاڻي چين سان سڌي ريت ڇڪتاڻ ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ چين جي اتحادي ملڪن کي ڪنهن به طريقي سان ڪائونٽر ڪرڻ، پاڻ مختلف ملڪن ۾ قدم رکڻ ۽ نوان اتحاد ٺاهڻ کان به نه ٿو رڪجي.
ايران چين جو اتحادي آهي ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن کان پوءِ آمريڪا سڌي ريت مانيٽرنگ ڪندي ناڪامي تي پاڻ ڇڪتاڻ ۾ شامل ٿي ويو، اهڙيءَ ريت وينزويلا ۾ چين 5 سؤ 51 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ روزانو ٽي لک 89 هزار بيرل تيل خريد ڪندو رهيو آهي، جيڪو عالمي تيل جو 20 سيڪڙو حصو آهي ۽ ان مان 4 سيڪڙو چين ڏانهن ويندو رهيو، آمريڪا ناڪامي کان پوءِ پاڻ ڇڪتاڻ ۾ شامل ٿيو ۽ وينزويلا جي خام تيل ۾ 2 ارب ڊالر تائين فراهمي تي اتفاق ڪيو.
بهرحال آمريڪا جي اڪيلائي ۾ وڃڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ان جا اتحادي تنگ آهن، سعودي عرب جي مالي اثر رسوخ آمريڪا کي متاثر ڪيو ۽ سعودي حڪمت عملي آمريڪا جي مفاد مطابق نه رهي، قطر، مصر ۽ گڏيل عرب امارات جي حوالي سان بيلنس پاليسي اختيار ڪرڻ سبب آمريڪا ۽ سعودي لاڳاپن ۾ الجھڻ پيدا ٿي ۽ آمريڪا سعودي عرب لاءِ پاڻ صومالي لينڊ ۾ مداخلت جي تياري ڪري رهيو آهي.
روس ۽ چين گڏيل مفاد کي نظر ۾ رکي هلن ٿا جڏهن ته چين يورپ ۾ وڌي رهيو آهي ۽ روس-يوڪرين ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا سڌي ريت مداخلت نٿو ڪري پر يورپي يونين کي ڇڏڻ ۽ نيٽو کان 2027 تائين الڳ ٿيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي.
گرين لينڊ ۾ آمريڪا جو مقصد انتظامي ڪنٽرول ذريعي چين ۽ روس کي ڪائونٽر ڪرڻ آهي، پر لاطيني آمريڪا ۾ برازيل، ڪيوبا ۽ ڪولمبيا ۾ عوامي نفرت ۽ مزاحمت جا امڪان موجود آهن، آمريڪا جو ايندڙ اسٽرٽيجڪ هدف ايران آهي، ڇاڪاڻ ته چين لاءِ ايران تيل جي متبادل منڊي فراهم ڪري ٿو ۽ وچ اوڀر ۾ ايران وٽ تيل تمام گهڻو موجود آهي.
آمريڪا ايران خلاف ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو جيڪا وينزويلا ۾ ڪئي، ان دوران ترڪي، سعودي عرب، پاڪستان ۽ چين سرگرم اتحادي بڻجي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ايران انهن سان گڏ بيهي ويو ته آمريڪا لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿينديون، جڏهن ته جيڪڏهن ايران اڪيلو وڙهيو ته مسئلا محدود هوندا، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ بيلنس پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن اها پاليسي مستقبل ۾ به برقرار رهي ته ڪولڊ وار 2.0 مان سڀ کان وڌيڪ فائدو اهي ملڪ حاصل ڪندا.
آمريڪا ۽ چين جي ڪولڊ وار مان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي کي فائدو
چين خلاف آمريڪي حڪمت عملي سبب اتحادي ناراض، محاذ وڌندا پيا وڃن
You might also like