روس جو يوڪرين ۾ وڏو حملو، گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻ مارجي ويا

ڪيف (ويب ڊيسڪ) روس يوڪرين جي تخت گاهه ڪيف سميت مختلف شهرن تي هائپر سونڪ ميزائل ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ ڊرونز سان حملا ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
يوڪريني فضائيا موجب روس 36 ميزائل ۽ 242 ڊرون فائر ڪيا، جن مان 226 ڊرون ۽ 18 ميزائل ڪيرايا ويا.
روسي فضائي حملي جي نتيجي ۾ ڪيف ۾ رهائشي عمارتن ۾ باهه ڀڙڪي پئي، جنهن ۾ امدادي ڪارڪن به زخمي ٿيا.
يوڪريني اختيارين ان کي دشمن جو وڏي پيماني تي ميزائل حملو قرار ڏيندي چيو ته اهو حملو يورپ جي سلامتي لاءِ خطرو ۽ نيٽو اتحادين جو امتحان آهي.
روس جو چوڻ آهي ته اهي حملا صدر پيوٽن جي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جي ردعمل ۾ ڪيا ويا، جنهن جي يوڪرين ترديد ڪري چڪو آهي.
روسي پرڏيهي وزارت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اولهه ملڪن يوڪرين ۾ امن فوج مقرر ڪئي ته انهن کي جائز فوجي هدف سمجهيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.