بهترين سفارتڪاري ذريعي پاڪستان خطي ۾ نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو: عالمي رسالي جي رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي رسالي ” ڊي ڊپلوميٽ جو چوڻ آهي ته بهترين سفارتڪاري ذريعي پاڪستان خطي ۾ نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
عالمي رسالي موجب، چين پاڪستان جي علائقي ۾ وڌندڙ اثرائتي ڪردار ۽ بهترين سفارتڪاري کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو آهي، حڪومت، رياستي ادارن ۽ عوام جي قومي معاملن تي هڪجهڙو ۽ واضح موقف عالمي سطح تي قبوليت حاصل ڪري رهيو آهي، بهترين سفارتڪاري جي مدد سان پاڪستان خطي ۾ نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ۽ سرحدن کان ٻاهر به اثرائتو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ سمجهي ٿو، آمريڪا سان سٺن لاڳاپن سان گڏ پاڪ-چين دوستي به صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، چين پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ اهم ڪردار جي حمايت ڪري ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چين سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ ايس سي او جي صدارت لاءِ پاڪستان کي بهترين ۽ موزون ملڪ سمجهي ٿو، پاڪستان پڻ چين سان ڪيترن شعبن ۾ اسٽريٽيجڪ ڀائيوارين کي اهم سمجهي ٿو، چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، چين ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، چين افغان حڪومت تي اعتدال پسندي ۽ پاڙيسرين سان سٺن لاڳاپن تي زور ڏنو آهي، چين علائقي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موجوده پاليسين جي ڀرپور حمايت ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.