رمضان پيڪيج: وزيراعظم پاران مستحقن ۾ رقم ورهائڻ بابت اهم هدايتون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هن سال به رمضان پيڪيج جي امدادي رقم جي ورڇ ڊجيٽل واليٽس ذريعي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ رمضان پيڪيج بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم پيڪيج کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشون طلب ڪيون.
وزيراعظم چيو ته يوٽيلٽي اسٽورن ۾ بدعنواني سبب مستحق پنهنجي حق کان محروم ٿيا، حڪومت گذريل سال گهٽ قيمتن تي کاڌي پيتي جون شيون مهيا ڪرڻ لاءِ شفاف نظام ترتيب ڏنو.
هن چيو ته گذريل سال 40 لک خاندانن ۾ في خاندان 5 هزار رپين جي حساب سان 20 ارب رپيا ڊجيٽل والٽس جي ذريعي ورهايا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.