پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن:خواجا آصف

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردن جي اتحادي بڻيل آهي ۽ دهشتگردن جي خلاف ڪنهن به آپريشن جو فيصلو وفاقي ڪابينا طرفان ٿيڻ گهرجي.نجی ٽي وي سان ڳالهائيندي هن  چيو ته ڪي پي حڪومت دهشتگردن جي خلاف آپريشن جو حصو ٿيڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. هن زور ڏنو ته جيڪڏهن حڪومت فوج سان گڏ بيٺي ته آپريشن جا نتيجا بهتر ايندا.خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردن کي ناراض ڪرڻ نٿي چاهي ۽ حڪومت جا فائدا وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته اهي شهيدن سان همدردي نٿا ڏيکارين ۽ جنازن ۾ حصو نٿا وٺن.وزير دفاع چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردن جي قبضي هيٺ آهي ۽ ملڪ ۽ افواج جي حفاظت وقت سياسي مفاد کي ترجيح ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي.هن ڊي جي آءِ ايس پي آر جي تازي پريس ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي چيو ته پيغام واضح ۽ حقيقتن تي ٻڌل هو. هن چيو ته ڪي پي حڪومت جي دعويٰ ته "آپريشن نه ٿيڻ ڏينداسين” دهشتگردن جي مدد جي برابر آهي.خواجا آصف پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي پاڻ به مسلح جدوجهد ۾ ملوث آهن ۽ گهڻا ڀيرا وفاقي رڄڌاني تي حملا ڪيا، جڏهن ته ملڪ سڀني جو آهي ۽ ڪنهن جي هڪ هٽي ناهي.هن ٻڌايو ته اڳ ۾ دهشتگردن سان سڌو سنئون ڳالهين جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڪامياب نه ٿي، جڏهن ته امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪابل حڪومت سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت، هن  چيو ته ڳالهيون لازمي ٿيڻ گهرجن، پر پي ٽي آءِ محمود اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس ذريعي ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿي.عمران خان کي سياست کان ٻاهر رکڻ بابت سوال تي هن چيو ته ان بابت کيس ڪا ڄاڻ ناهي.ڪي پي ۾ گورنر راڄ بابت، خواجا آصف چيو ته آئين ۾ ان جي گنجائش موجود آهي، پر هو انهيءَ جي حق ۾ ناهي،هن چيو  ته معاملا طئي ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني سان ئي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ مذاڪرات ٿيڻ لازمي آهن.پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو عمل ضروري آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ محمود اچڪزئي ۽ ناصر عباس جي ذريعي ڳاليهون ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ پاڻ سڌي طرح ڳالهين لاءِ اڳتي اچڻ نٿا چاهين، جيڪو بدنصيتي کي ظاهر ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ اتحاد ۾ شامل سڀني سياسي جماعتن کي مذاڪراتي عمل جو حصو بڻجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ امڪان آهي ته پي ٽي آءِ مستقبل ۾ ڳالهين کان لاتعلقي جو اظهار ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.