”نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي مالڪي ڪير ڪندو؟“

اسلام آباد(بيورو)ناليواري اينڪر محمد مالڪ چيو آهي ته هن وقت فوج ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ٽڪراءُ آهي،زميني حقيقت اها ئي آهي، نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڳالهين جي ڪوشش پي ٽي آءِِ جا ٽي اڳوڻا اڳواڻ ڪري رهيا آهن جن کي پي ٽي آءِ پاڻ ئي مان نه پئي ڏئي،امن لاءِ ڪوشش ڪندڙ ڌرين کي تڏهن مڃتا ملندي جڏهن اسٽيڪ هولڊر انهن جي نالن تي اتفاق ڪن،ڊائلاگ ڪميٽي ۾ مسلم ليگ نواز،پ پ ،اي اين پي،رٽائرڊ جنرلن،سول سوسائٽي مان ماڻهو کپن،اها قومي مفاهمت واري ڪميٽي لڳڻ گهرجي،هن چيو ته مون کي مونجهارو آهي ته نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي ڇا ڪري رهي آهي،ايم ڪيو ايم جو ڪردار سدائين مونجهاري وارو هوندو آهي، اها اقتدار ۾ به هوندي آهي ۽ اپوزيشن ۾ به هوندي آهي،هن چيو ته هتي فوجي آمرن جو ذڪر ٿيو پر اسان جي ڪهڙي پارٽي آهي جيڪا آمرن سان گڏ نه هلي آهي،ڇا نوازشريف هڪ چونڊيل  آٽوڪريٽ نه هو؟عمران خان چونڊيل آٽوڪريٽ نه هو؟26هين ۽ 27 هين ترميمون ڊڪٽيٽرن وارا طريقا ناهن ته ڪهڙا آهن؟سڀني حڪمرانن جو رويو آمراڻو رهيو آهي،هن چيو ته نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي هڪ نڪاتي ايجنڊا هئڻ گهرجي،ڇا فوج سان جنگ واري صورتحال پي ٽي آءِ پاڻ ناهي ٺاهي؟جنرلن جي تربيت ۾ ئي جنگ هوندي آهي،ڳالهيون ڪرڻ سويلين جو هوندو آهي،اسان ۽ انهن جو جينسز ئي مختلف آهي،ڪميٽي جي اسٽيڪ هولڊرن پاران مالڪي ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.