ڪراچي واسي هوشيار! موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ايندڙ چويهه ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 24 کان 26 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل چويهه ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هن وقت هوا ۾ گهم جو تناسب 63 سيڪڙو آهي.
ان کانسواءِ شهر ۾ اتر اوڀر کان 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُھلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.