نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ پريزينٽر ريڌڪا پاٺڪ بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي بي ايل) مان نيڪالي وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان کي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) مان ڪڍڻ کانپوءِ ريڌيما پاٺڪ کي بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) مان نيڪالي ڏيڻ واريون خبرون سامهون آيون هيون.
هاڻي رڌيما پاٺڪ بي پي ايل مان نيڪالي وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن کان اهو بيانيو گهڙيو پيو وڃي ته کيس بي پي ايل مان ڊراپ ڪيو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ريڌيما پاٺڪ چيو ته ”مان بي پي ايل مان ذاتي طور هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجي لاءِ منهنجي قوم سڀ کان پهرين آهي ۽ مان ڪرڪيٽ کي هڪ اسائنمينٽ طور ڏسان ٿي، ڪرڪيٽ جي ايمانداري، عزت ۽ جذبي سان خدمت ڪئي آهي ۽ مان ساڳئي جذبي تحت راند سان واڳيل رهنديس.“
You might also like