سعودي فوجي اتحاد جي يمن ۾ فضائي ڪارروائي، عليحدگي پسند فورسز جو سربراهه فرار

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي فوجي اتحاد تصديق ڪئي آهي ته يمن ۾ هوائي ڪارروائي دوران عليحدگي پسند فورسز کي نشانو بڻايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سعودي قيادت ۾ قائم اتحاد ٻڌايو آهي ته يمن ۾ محدود فضائي ڪارروائيون ڪيون ويون، جن ۾ الضالع صوبي ۾ آپريشن دوران عليحدگي پسند فورسز کي نشانو بڻايو ويو.
سعودي فوجي اتحاد جو چوڻ آهي ته سدرن ٽريڊشينل ڪائونسل (ايس ٽي سي) جي سربراهه عيدروس الزبيدي مقرر ٿيل اُڏام تي رياض اچڻ بدران ڪنهن اڻڄاتل هنڌ فرار ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عيدروس الزبيدي کي اڱاري جي رات عدن مان رياض روانو ٿيڻو هو، جتي کيس يمني حڪومت ۽ ڏکڻ عليحدگي پسندن وچ ۾ ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.
سعودي اتحاد موجب، قانوني حڪومت ۽ اتحاد کي ڄاڻ ملي آهي ته الزبيدي هڪ وڏي فوج کي متحرڪ ڪري رهيو آهي ۽ هن ڳرن ۽ هلڪن هٿيارن سميت هڪ وڏي فوجي قوت الضالع ۾ گڏ ڪئي هئي.
فوجي اتحاد جو چوڻ آهي ته صبح چار وڳي اڳواٽ فضائي حملا ڪيا ويا ته جيئن تڪرار پکڙجڻ کان روڪي سگهجي، عيدروس الزبيدي رياض لاءِ جهاز ۾ سوار نه ٿيو ۽ ڪنهن اڻڄاتل هنڌ فرار ٿي ويو.
يمن جي ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عليحدگي پسند عيدروس الزبيدي تي غداري جو الزام آهي ۽ کيس نائب صدر صدارتي ليڊرشپ ڪائونسل واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.
ايوان صدر جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته يمني اڳواڻ عيدروس الزبيدي کي سندن ڏوهن تي اٽارني جنرل آڏو جوابده بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.