چڪوال (ويب ڊيسڪ) چڪوال ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪِري پئي جنهن جي جتي نتيجي ۾ پنج ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.
ريسڪيو اختيارين موجب، واقعو چڪوال جي علائقي تله گنگ ۾ پيش آيو، جتي مسافرن سان ڀريل بس کاهي ۾ ڪري پئي.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته بس اسلام آباد کان ڪراچي وڃي رهي هئي ۽ حادثو ٽي روڊ وٽ ڌوڪ پٺاڻ ويجهو پيش آيو.
حادثي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ۽ 27 زخمي ٿي پيا، جن مان ست عورتون پڻ شامل آهن، واقعو اطلاع ملڻ تي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.