ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ وارو مامرو، آءِ سي سي جو بي سي بي سان رابطو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي ) طرفان اي ميل ملي هئي.
ذريعن موجب، آچر ڏينهن بي سي بي طرفان ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت آءِ سي سي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو، جنهن تي آءِ سي سي طرفان بي سي بي کي جوابي اي ميل ملي آهي.
بي سي بي موجب، آءِ سي سي جي جواب ۾ ورجايو ويو آهي ته بنگلاديشي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کي ڪنهن به رنڊڪ کانسواءِ يقيني بڻايو ويندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ سي سي بي سي بي سان گڏجي خدشن تي ڪم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ بورڊ جي خدشن کي غور هيٺ آڻڻ لاءِ به رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي.
بي سي بي چيو آهي ته ميڊيا ۾ بنگلاديش کي الٽيميٽم ڏيڻ واريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جيڪي مڪمل طور تي ڪوڙيون آهن ۽ آءِ سي سي جي ڪميونيڪيشن کي ٽوڙي مروڙي رپورٽ ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ۽ لاڳاپيل اختيارين سان تعميري انداز ۾ رابطا جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.