ڪچي ۾ امن ڪرائبو، رياست کان ڪو به سردار ڏاڍو ناهي:آءِ جي سنڌ

گهوٽڪي (شيراز مهر/ع آ رپورٽ) گهوٽڪي آمد جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ڪچي وارن علائقن ۾ هلندڙ آپريشن کي وڌيڪ سگهارو ۽ تيز ڪرڻ ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن سان رابطن ۾ رهندي ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائي وڌائي ويندي. سندس چوڻ هو ته قبيلائي جهيڙا به ڏوهي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جو وڏو سبب آهن، تنهنڪري انهن جو خاتمو ضروري آهي. گذريل دور ۾ ٻن کان ٽن قبيلائي تڪرارن جو فيصلو ڪرائي علائقي ۾ امن بحال ڪيو ويو هو. آءِ جي سنڌ جاويد اوڍي چيو ته قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ هر ان شخص ۽ ڌر سان سهڪار ڪيو ويندو جيڪو امن چاهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنهن معزز يا شهري طرفان رنڊڪ وڌي ته ان خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪوبه سردار رياست کان وڌيڪ طاقتور ناهي. ڪنهن به قانون هٿ ۾ کنيو، ڀلي ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي، ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي. هن واضح ڪيو ته ڪو به علائقو نوگو ايريا نه هوندو، وڏن هٿيارن جو خاتمو ڪيو ويندو ۽ ڪچي کي مڪمل طور پرامن علائقو بڻايو ويندو. آءِ جي سنڌ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو ته نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي هن چيو ته نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ مفرور جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويندو. ان کان اڳ انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍو ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي پهتو جتي پوليس جي جٿي آءِ جي سنڌ کي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا ۽ ملڪ خاطر جان قربان ڪندڙ شهيدن جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحا خواني ڪئي. بعد ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ضلعن جي ايس ايس پيز آءِ جي سنڌ کي گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ ڪشمور–ڪنڌڪوٽ ضلعن، خاص طور ڪچي وارن علائقن ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۽ جاري پوليس ڪارروائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.آءِ جي سنڌ پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين خلاف ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.