گيس واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گيس جي اگهن ۾ ايندڙ 6 مهينن تائين ڪا واڌ نه ٿيندي.
پيٽروليم ڊويزن جي پڌرائيءَ موجب پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي گيس جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.
پرويز ملڪ چيو ته گيس سيڪٽر ۾ سرڪلر ڊيٽ جي واڌ رڪجي وئي آهي، نئون قرض پيدا نه پيو ٿئي، قطر کان واڌو ايل اين جي ڪارگو عالمي منڊي ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪامياب معاهدو ٿي ويو.
هن چيو ته سڌارن سبب سڀني واهپيدارن لاءِ گيس جا اگهه برقرار رهندا، وزيراعظم جي هدايت تي عوام کي سياري جي مند ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏئي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ گهريلو واهپيدارن کي گيس جي بهتر فراهمي جاري آهي، ڪا به مقامي گيس فيلڊ بند ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.