لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ فلسطين جو سفارتخانو کُلي ويو.
فسلطيني سفير حسام زملوط جو چوڻ آهي ته لنڊن ۾ فلسطيني سفارتخاني جو کلڻ تاريخي ۽ يادگار لمحو آهي، لنڊن ۾ سفارتخانو فلسطيني سڃاڻپ، عالمي سڃاڻپ ۽ خود مختياري جي علامت آهي.
برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته برطانيا سيپٽمبر 2025 ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪيو هو، فلسطيني سفارتخاني جي عمارت اڳ فلسطيني مشن هئي، جيڪا هاڻ اپ گريڊ ٿي سفارتخانو بڻجي وئي آهي.
Next Post
You might also like