بالي ووڊ اداڪار آشيش وديارٿي ۽ سندس زال روڊ حادثي جو شڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو ناليواري اداڪار آشيش وديارٿي ۽ سندس گهرواري روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اداڪار ۽ ولاگر آشيش وديارٿي ۽ سندس زال روپالي جمعي جي رات گوهاٽي ۾ حادثي جو شڪار ٿيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ موٽر سائيڪل کين ٽڪر هنيو.
ٻئي پاسي اداڪار جو چوڻ آهي ته کيس معمولي ڌڪ لڳا آهن، جڏهن ته سندس گهرواري کي احتياط طور نگراني هيٺ رکيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.