ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان ٿڌيون هوائون گهلي رهيون آهن ۽ خميس کان رات جي وقت گهٽ کان گهٽ پارو 11 کان 10 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جي ترجمان موجب ڇنڇر ۽ آچر تي ڪراچي ۾ ٿڌ وڌڻ جو امڪان آهي ۽ رات جو پارو سنگل ڊجيٽ ۾ وڃي سگهي ٿو.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ 10 ڏينهن دوران سڄي سنڌ ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي.
موسميات کاتي موجب 18 يا 19 جنوري تي اولهه هوائن جو سسٽم مٿانهن علائقن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، اولهه سسٽم تحت سنڌ ۾ برسات ٿيندي يا نه؟ اڳڪٿي پوءِ ڪئي ويندي.
You might also like