ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عالمي بينڪ طرفان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن منصوبي تي اطمينان جو اظهار سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو ثبوت آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته منصوبي تحت سڄي صوبي ۾ اهم انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ذريعي 7.2 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ٿيو، بحالي منصوبي سان فائدو کڻندڙن ۾ 3.4 ملين عورتون شامل آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي کي پهرين ترجيح ڏني، محدود وسيلن باوجود شفافيت، رفتار ۽ عملدرآمد يقيني بڻايو، عالمي بينڪ طرفان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار تصديق آهي ته سنڌ حڪومت سڌي دڳ تي هلي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو منصوبو متاثر علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي بحالي جو سبب بڻيو آهي، فلڊ ايمرجنسي بيهيبليٽيشن منصوبو معاشي ۽ سماجي استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
”عالمي بينڪ جو سنڌ فلڊ منصوبي تي اطمينان جو اظهار حڪومت جي ڪارڪردگي جو ثبوت آهي“
You might also like