راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا بيرسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ڀرسان صحافي سلمان اڪرم راجا کان پڇيو ته پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر کي عملي طور سائيڊ لائن ڪيو ويو آهي، ڇو؟ ۽ نئون چيئرمين ڪير هوندو؟
سلمان اڪرم راجا بيرسٽر گوهر کي پارٽي چيئرمين مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پارٽي چيئرمين رڳو عمران خان آهي ٻيو ڪو نه، اسان سان جيڪو اليڪشن ڪميشن جو رويو آهي، اهي جبر جا ضابطا آهن.
You might also like