ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بلديا مان بارود سان ڀريل ٽرڪ پڪڙڻ کانپوءِ گرفتار دهشتگردن جي نشاندهي تي وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون آهن.
بلديا مان ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيڻ کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروائيون جاري آهن.
ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن جي نشاندهي تي ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن ۾ عورتون به شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ سامان شهر جي مختلف علائقن مان خريديو ويو هو، جڏهن ته هاءِ ايڪسپلوزو مواد انتهائي مهارت سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ناڪارا بڻائڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.
ذريعن موجب آفيسرن حياتي خطري ۾ وجهي نه رڳو ڌماڪيدار مواد کي ناڪارا بڻايو پر ڀرپاسي جي آبادي کي به نقصان کان بچائي ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن طرفان دهشتگردي لاءِ ڪيترن ئي مهينن کان منصوبابندي جاري هئي، ڪراچي جي مخصوص علائقن ۾ شڪي ماڻهن جي چرپر جي نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.
You might also like