موسيقي جو ديوتا دليپ ڪمار مان اَي آر رحمان ڪيئن بڻيو ؟

آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ ڀارتي موسيقار ۽ دنيا کي پنهنجي موسيقي ذريعي متاثر ڪندڙ اَي آر رحمان اڄ پنهنجي 59 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
ٽيويهه ورهين جي عمر ۾ اسلام قبول ڪندڙ اَي آر رحمان اڄ هندي سئنما ۾ پنهنجي انوکي انداز ۽ مختلف ميوزڪ سبب ليجنڊري جو مقام حاصل ڪري چڪو آهي.
اَي آر رحمان جو اصل نالو دليپ ڪمار راج گوپال آهي، هن ڇهه جنوري 1967 تي مدراس (هاڻي چنائي) ۾ جنم ورتو، سندس والد شيکر تمل ۽ مليالم فلمن جو موسيقار ڪنڊيڪٽر هو.
پنهنجي نالي جي تبديلي بابت هڪ انٽرويوءَ ۾ هن ٻڌايو هو ته کيس پنهنجو پيدائشي نالو پسند نه هو ۽ سندس ماءُ ”الله رکا“ نالو خواب ۾ڏٺو هو، جڏهن ته ٻين گهرڀاتين ”رحمان“ نالي طور تجويز ڪيو.
هڪ انٽرويوءَ ۾ هن اعتراف ڪيو هو ته هو پنهنجي پيدائشي نالو دليپ ڪمار مان مطمئن نه هو ۽ کيس اهو نالو ڪڏهن به پسند نه آيو.
رحمان جو پيءُ پڻ موسيقار هو، تنهنڪري هو ننڍپڻ کان ئي مختلف سازن جي جادوئي اثر کان آگاهه هو ۽ هن چئن ورهين جي عمر ۾ پيانو وڄائڻ شروع ڪيو. پر سندس پيءُ جو وفات سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو حادثو ثابت ٿيو، هو گهڻي ڀاڱي ان معاملي تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندو آهي.
ڀارت جي ساکائتي هفتيوار ميگزين ”دي ويڪ“ سان ڳالهائيندي هڪ ڀيرو هن ٻڌايو ته سندس پيءُ جو انجام خوشگوار نه هو، هو ڍانچو ٿي ويو، پر مان سمجهان ٿو ته هن جي محنت اسان لاءِ نعمت هئي.
رحمان موجب، سندس ماءُ هڪ مضبوط عورت هئي، جنهن صبر ۽ اتساهه ڏيکاري اسان چئن ڀينرن ۽ ڀائرن کي پالڻ ۾ ڪمال ڪيو.
واضح رهي ته اَي آر رحمان پنهنجي موسيقي سفر جي شروعات سال 1992ع ۾ تامل فلم ”روجا“ جي گيت ”چنا چنا آسا“ سان ڪئي هئي.
گلوڪار هينئر تائين سئو کان وڌيڪ مختلف ٻولين جي فلمن لاءِ موسيقي ڪمپوز ڪري چڪو آهي.
اي آر رحمان کي 2009ع ۾ فلم ”سلم ڊاگ ملينر“ لاءِ بهترين اوريجنل اسڪور ۽ بهترين اوريجنل گيت جا ٻه آسڪرز ايوارڊ ملي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.